مواد ڏانھن هلو

حافظ حامد ٽکڙائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حافظ حامد ٽکڙائي ولد محمد هاشم ميمڻ جو جنم، 1832ع ڌاري سنڌ جي مشهور شهر ٽکڙ ۾ ٿيو.

خاندان

[سنواريو]

حافظ حامد جي ٽي پيڙهيون پوئتي، ڪلهوڙا دور جي غزل جي پهرئين شاعر نور محمد ’خسته‘ سان خانداني نسبت هن ريت ملي ٿي. حافظ حامد پٽ محمد هاشم پٽ نور محمد خسته.

زندگي

[سنواريو]

حافظ حامد ٽن ورهين جي عمر ۾ ماتا جي بيماريءَ سبب اکين کان نابين ٿي ويو ۽ ان نابينائيءَ واري بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيڻ جي سال اڌ بعد سندس والده به وفات ڪري وئي پر ننڍڙي حامد کي قدرتي صلاحيت هئي. هن قرآن شريف جا 8 سيپارا حفظ ڪري ورتا ۽ ان بعد حرمين شريفين ڏانهن ديار حبيب جي سفر تي روانو ٿي ۽ باقي 22 سيپارا مديني شريف ۾ اٺن مهينن اندر حفظ ڪري ورتائين. آخر 2 حج ڪري واپس وريو۽ ان کان پوءِ به ٽي حج ڪيائين. ان وقت تائين عربي ۽ فارسي نه پڙهيو هو پر پوءِ به سڄو سفرنامو ’مناسڪ الحج‘ منظوم چيائين، جيڪو حالات جي ستم ظريفيءَ ۾ اڳتي هلي گم ٿيو. موٽي اچي حافظ شروعاتي تعليم ملاڪاتيارن ۾ مولوي موسيٰ نظاماڻيءَ وٽ فارسي پڙهيو ’شرح ملا‘ تائين پڙهڻ بعد پهرين ٽنڊي سائينداد جي مولوي ابوالحسن وٽ ۽ پوءِ مٽيارين ۾ عربيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. حافظ حامد عربيءَ جي علم کان فارغ ٿي، ڪجهه وقت تعليم جاري رکيائين، شادي ڪيائين ۽ ان کانپوءِ ڪجهه وقت ڪپڙي جو دڪان هلايائين. ڪپڙي جي جنس ۽ رنگ سڃاڻڻ ۾ اهڙو ته ماهر هو جو جيڪڏهن نالي خاطر چشمو چاڙهي واپار ڪري ها ته ڪوبه گراهڪ ڪڏهن به پروڙي نه سگهي ها ته هيءُ ڪو نابين هو. حافظ حامد جا ’خطبا‘ قصيدن، مسدس ۽ ترجيح بندن جي صورت ۾ مولوي هدايت الله ’مشتاق‘ متعلوي آڳاٽا ڇپائي پڌرا ڪيا هئا. جيڪي سنڌ جي اڪثر ڳوٺن جي مسجدن ۾ جمعي نماز جي موقعي تي پڙهيا ويندا آهن. هن علمي شهرت سان گڏ شاعريءَ ۾ به وڏو نالو ڪڍيو. کيس سنڌي شاعريءَ جو ’جان ملٽن‘ چيو ويندو آهي. انتهائي ذهين ۽ حاضر دماغ شخص هو. هيءُ پنهنجي دور ۾ غزل جو شهنشاهه شاعر ٿي گذريو آهي. شيخ عبدالحليم ’جوش‘ حافظ حامد بابت لکيو آهي ته: ”حافظ حامد، ٽکڙ جو پهريون غزل گو شاعر هو، جنهن نج سنڌيءَ ۾ غزل چيو ۽ بحر وزن جي پوئواري ڪندي پنهنجي ڪلام کي موزون شاعريءَ جي تصنع ۽ تڪلف کان بچايو ۽ عربي ۽ فارسيءَ جي ڳاٽي ٽوڙ لفظن ڪتب آڻڻ کان پاسو ڪيو“.

ادبي اوسر

[سنواريو]

حافظ حامد ٽکڙائي جي شاعريءَ ۾ لفظن جي سادگي ۽ ڪلام جي رواني خاص خوبيون رهيون آهن. هي فطرتي حسن جي عڪاسي ڪندڙ شاعر هو. حافظ حامد ٽکڙائيءَ سنڌي روايتي غزل ۾ نئين راهه هموار ڪئي، جنهن جو اثر سندس همعصر شاعرن فاضل شاهه ’فاضل‘، خليفي نبي بخش ’قاسم‘، غلام محمد شاهه ’گدا‘ ۽ مير عبدالحسين سانگيءَ به قبوليو. اهڙيءَ طرح سندس شاعريءَ ۾ سنڌي پهاڪا ۽ محاورا، ٺيٺ سنڌي ٻولي جو استعمال، سنڌ جي نيم تاريخي ۽ رومانوي داستانن جا حوالا ۽ سنڌي ماحول جي ترجماني موجود آهي. حامد سنڌ جي نيم تاريخي ۽ رومانوي داستانن کي ايراني غزل ۾ بيان ڪرڻ، سنڌي ماحول ۾ سمائڻ ۾ ڪمال مهارت رکندو هو. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته: ”حامد ٽکڙائي پنهنجي ڪلام ۾ هن سونهن ڀرئي سنسار جا جيڪي پار پتا ڏنا آهن، سي ڪو اکين وارو به مشڪل سان ڏئي سگهي.“

شاعري

[سنواريو]

حامد ٽکڙائيءَ جي شاعري، غزلن، ڪافين ۽ خطبن تي مشتمل آهي. سندس ديوان جو پهريون حصو ‘ارمغان حامد’ جي نالي سان سندس پٽ محمد هاشم مخلص (1926ع) ۾ شايع ڪرايو هو، جنهن ۾ سندس سنڌي، عربي ۽ فارسي غزل گڏ ڪيل آهن ’ارمغان حامد‘ مڪمل صورت ۾ محمد خان غنيءَ جو فرزند محمد دائود ’تاج‘ ٽکڙائي شايع ڪرائي رهيو آهي. سندس هڪ شعر آهي:

عمر عين (ع) آهي نه ويجهو وطن

مٽي ماڙئين ڪير ڏيندم ڪفن،
ڪندم شال ڪنڌئين ڌراڙيون دفن،
پَکي پارڪر پوندا منهنجا پٿر!


وفات

[سنواريو]

حافظ حامد سير ۽ سياحت جو شوقين هو ۽ سير سفر ڪندي جوڌپور رياست جي ڳوٺ ڄاريلي درسن واريءَ ۾ 1315ھ/1897ع تي وفات ڪيائين.[1]

حوالا

[سنواريو]