حاشيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حاشيو (Annotation) ڪتاب جي ورق جي چئني پاسن کان ڇڏيل اهو حصو هوندو آهي، جنھن تي ليکڪ، مرتب يا مترجم وغيره ڪتاب جي متن تي پاسي کان وضاحت لکندا آهن. پير حسام الدين راشدي ڪيترن ئي فارسي ڪتابن کي ايڊٽ ڪري، حواشيا لکي شايع ڪرايو. سندس وڏو ڪمال اهو هو تہ هن پنھنجي وسيع ڄاڻ سان فارسي ڪتابن جا ترجما بہ ڪيا ۽ مواد ۽ متن تي حاشين ۾ پنھنجا رايا بہ ڏنا ۽ سنڌ جي تاريخ جو اصلي چھرو صاف ڪري ڏيکاريو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.