حادثاتي جنگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حادثاتي جنگ يا ايڪسيڊينٽل وار (Accidental War) جنگ جو هڪ قسم، جنهن ۾ ڪنهن به اڳواٽ ڪٿيل ڪارڻ جي بنا ڪنهن رٿابنديءَ جي ڪري، ٻن ڌُرين ۾ جنگ ٿي پوندي آهي. هن قسم جي جنگ ٿيڻ جا ٻه سبب ٿيندا آهن، پهريون: ڪڏهن ڪڏهن اهڙو ماحول پيدا ٿي پوندو آهي، جنهن منجهان ويڙهه جو خطرو محسوس ٿيڻ لڳندو آهي، جيتوڻيڪ بظاهر ڪنهن به ڌُر طرفان ويڙهه ڪرڻ جي نيت به نه هجي. پر اهڙي حالت دؤران جيڪڏهن ڪنهن هڪ ڌُر کان ٿوري به غلطي ٿئي ٿي ته جنگ شروع ٿي وڃي ٿي. ٻيو سبب آهي ته جهيڙيندڙ ڌريون هڪ ٻئي جي ڳالهه کي چڱيءَ ريت نه سمجهي سگهنديون آهن ۽غلط فهميءَ جي بنياد تي سندن وچ ۾ ويِڙهه ٿي پوندي آهي. گهڻي قدر ٻن سياسي ڌرين جا جهيڙا به غلط فهميءَ جي بنياد تي ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ ته هر ملڪ جي اڳواڻ يا حاڪم تي مخالف ڌُر جو خوف ڇانيل هجي ٿو ۽ انهيءَ خوف سبب اُهي هڪٻئي جي هر ڳالهه کي شڪ جي نگاهه سان ڏسن ٿا. تاريخ دانن ۽ سياسي محققن جو خيال آهي ته 1914ع (پهرين عالمي جنگ جو دور) ۾ اوچتو جيڪي خطرناڪ حالتون سامهون آيون، اهي سڀ حادثاتي جنگ جو سبب بڻيون. انهن اوچتو بگڙجندڙ حالتن کان اڳ ڪنهن کي به دنيا ۾ مهاڀاري لڙائيءَ جو اندازو نه هئو.[1]

حوالا[سنواريو]