حاجي واهه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تعارف[سنواريو]

هيءُ سنڌ جي ميهڙ تعلقي جو هڪ ڳوٺ آهي، جنهن ۾ بنيادي سهولتن نالي ڪا به شَيِ موجود نه آهي. سڀ کان پهريون مسئلو تعليم جو آهي، جيڪا هن ڳوٺ وارن فقط ٽي وي تي ٻڌي آهي. گورنمينٽ هڪ پرائمري اسڪول ڏنو ته آهي، پر اهو ڏهن ٻارهن سالن کان ڳوٺ جي چڱي مڙس جي اوطاق بڻيل آهي. هن ڳوٺ ۾ نه صحت گهر آهي، نه روڊ ۽ نه ڪا ٻي بنيادي سهولت موجود آهي. هتان جا چونڊيل نمائندا صرف ووٽن واري ڏينهن هن ڳوٺ ۾ ايندا آهن ۽ ووٽن وٺڻ کان پوءِ هميشه لاءِ غائب ٿي ويندا آهن. ميهڙ تعلقي جا چونڊيل ايم اين اي، ايم پي اي، تعلقي ناظم دعوائون ته ڪن ٿا، پر ماڻهن جي سار سنڀال نٿا لهن.

ڀونءِ نگاري[سنواريو]

ڳوٺ حاجي واهه ميهڙ شهر جي اولهه ۾ واقع آهي. ڳوٺ جي آبادي 2000 آهي، جيڪا سَو سيڪڙو سنڌي آهي.

انتظاميه[سنواريو]

هيءُ تعلقي ميهڙ جي هڪ يونين ڪائونسل آهي.