حاجي محمي قائم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

”تحفته الڪرام“ (Tuhfatul-kiraam) ۾ لکيل آهي ته حاجي محمي قائم (Haaji Mahimi Qaaim) ’عالم اڪمل و فاضل افضل، مجموعاءِ علم معقول و منقول هو. وقت جي عالمن سان سندس بحث ٿيندا هئا ۽ حاجي محمي گهڻو ڪري انهن بحثن ۾ مٿاهون رهندو هو. هر روز عصر جي نماز کان پوءِ حديث جو درس ڏيندو هو. هڪ ڀيري حج ڪري واپس موٽي آيو؛ ٻئي ڀيري ويو ته مديني منور ۾ امامت اختيار ڪيائين ۽ پوءِ اتي ئي 1157ھ ۾ وفات ڪيائين، ۽ جنت البقيع (Janatul Baqi) ۾ دفن ٿيو. ملا محمد باقر واعظ ۽ مخدوم نور محمد نصرپوري حاجي صاحب جا شاگرد هئا. [1]

مقالات الشعراء“ (Maqalaat-e-Shuiraa) ۾ آهي ته حاجي قائم حديث جي علم ۾ وڏي اعتماد وارو ڄاتو ويندو هو. حافظي جو هيءُ حال هئس، جو جن مسئلن ۽ مقدمن کي ٻيا عالم وڏي تحقيق کان پوءِ بيان ڪندا هئا، حاجي قائم بروقت انهن تي نه رڳو پنهنجي راءِ ڏيندو هو، پر ان سان گڏوگڏ هر ڪتاب جي بابن ۽ صفحن جو حوالو به ڏيندو هو. پهرين ڀيري جڏهن حج جو ارادو ڪيائين ته سفر ۾ ايندي ويندي جتي به ويو ٿي اتي ماڻهن سندس وڏي عزت ڪئي ٿي ۽ آجياڻو ڏنو ٿي، خاص ڪري سورت ۾ عقيدتمندن سندس آجياڻو اهڙي شان سان ڪيو، جنهن جو بيان ڪرڻ ڏکيو آهي. ورهيه 1154ھ ۾ حرمين جي سفر تي روانو ٿيو ۽ اهو ئي فيصلو ڪري نڪتو ته مديني ۾ مقيم ٿيندس. [2]

شعر پڻ چوندو هو- ’استخراج تحويل شمس‘ جي فن ۾ هڪ قطعو لکيو هئائين، جيڪو ”مقالات“ ۾ درج ٿيل آهي ۽ ان ۾ استخراج جي علمي قاعدي کي نهايت سهڻي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. [3]

لاڏاڻو تاريخ وفات ”في جناتِ تجري“ مان 1157ع نڪري ٿي. [4] [5]

حوالا[سنواريو]

  1. تحفته الڪرام
  2. مقالات الشعراء
  3. ”مقالات الشعراء“، ص 234-236
  4. في جناتِ تجري
  5. ڪتاب؛ تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور حصو ڇهون (جلد-2)، ليکڪ؛ غلام الرسول ”مهر“، ڇاپو؛ پهريون 1964ع