حاجن سائل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حاجن سائل ميمڻ عرف حاجي محمد ’حاجن سائل‘ ولد حاجي عبدالحڪيم ’عاجز‘ ميمڻ 8 اپريل 1945ع تي مٽياري شهر ۾ ڄائو.

خاندان[سنواريو]

سندس خاندان پسارڪو ڌنڌو ڪندو آهي، تنهنڪري ’پساري ميمڻ‘ سڏجن ٿا. پنهنجي والد ۽ چاچي کي مولود پڙهندي ڏسي کيس مذهبي شاعري ڪرڻ جو شوق ٿيو.

تصنيفون[سنواريو]

هيءُ نظم توڙي نثر ۾ لکي ٿو. هن جي شاعري رومانوي غزلن ۽ مذهبي موضوع تي آهي. هي پنهنجا ڪتاب ڇپرائي بنا معاوضي جي ورهائي ڇڏيندو آهي. سندس 7 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جن ۾:

  • (1) نجات جهنم حاصلاتِ بهشت (1969ع)
  • (2) چاليهه سوکڙيون (1972ع)
  • (3) حـقيـقـي زندگـي (1995ع)
  • (4) روزو ۽ بندگي (1996ع)
  • (5) ســوکــڙيءَ تــي ســوکـڙي (1997ع)
  • (6) عـملـي زنـدگـي (1998ع)
  • (7) درودن جو گلدستو (2000ع) شامل آهن.

حال[سنواريو]

هن وقت مٽياريءَ ۾ رهائش پذير آهي.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012