حاجن حبدار
ڏيک
حاجن حبدار ولد احمد لوهر (سگهڙ ۽ شاعر ) 1944ع ڌاري تاريخي ماڳ پنهواري، ضلعي سکر ۾ ڄائو، لوهارڪي پيشي سان واسطو اٿس. غوثل ميراڻيءَ جي رهنمائيءَ ۽ مٺل نوراجائيءَ جي سنگت ۾ شاعري شروع ڪيائين.
تصنيفون
[سنواريو]سندس شاعريءَ جا چار مجموعا:
- (1) ’وري انڪار‘
- (2) ’وري اقرار‘
- (3) ’زلفن جي زنجير‘
- (4) سور پچار‘
- (5) نظماڻي نثر جو هڪ ڪتاب ’زور جي ميندي‘ ڇپيو آهي.
حال
[سنواريو]حاجن حبدار جا مولود اڪثر مکڻو فقير مهر ۽ عبدالرحيم عزمي ريڊيي توڙي ٽي. وي تي ڳائيندا رهيا آهن. هن وقت تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ نوراجه ۾ رهائش پذير آهي.[1]
حوالو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN 978-969-9098-80-2) سال: 2012