مواد ڏانھن هلو

جھومڪا (وڻ)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جھومڪا
Abutilon pictum
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Abutilon
Species

about 200, see text

هم معنيٰ[1]
  • Beloere Shuttlew.
  • Pseudabutilon R.E.Fr.

جهومڪا (Abutilon)، هي هندستاني نالو آهي، اهو هن وڻ کي انهيءَ لاءِ ڏنو اٿن، جو سندن گل جهومڪن يا پنڙن وانگي لڙڪي بيهندا آهن. انگريزي نالو ابيوٽِلان اٿس. هي ڊگهو، گهاٽن ۽ گهڻن پنن وارو ٻوڙو آهي.گل وڏا ٿيندا اٿس، جي ڦڪي نارنگيءَ رنگ جهڙا ٿيندا آهن ۽ مٿن ڀورا ليڪا نڪتل ٿيندااٿن. هي تمام نازڪ ۽ سهڻا ٿيندا آهن. اُس ۽ مينهن کان بچائڻ گهرجين. ٻج ۽ قلمن مان ٿيندا آهن. سال سال ۾ نوان پوکجن ته بهتر آهي.

هن جو هڪڙو پيلن گلن وارو قسم آهي، جنهن کي دکن۾ مدام سڏيندا آهن. ٻيا به ڪيترائي قسم اٿس، جي وڻ جي قد ۽ گل جي رنگن ۾ تفاوت رکن ٿا.[2]

گئلري

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named "Tropicos".
  2. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو