جھنگ ڪاسني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جهنگ ڪاسني (عربي: طرخشقوق، فارسي: ڪاسني دشتي، هندي: ڪادوو، انگريزي: Taraxaci) ڪاسني جي ذات مان آهي، سندس پن ان کان ننڍا ۽ ٿلها ٿين ٿا ۽ نيرا ڦل ڪري ٿي. ذائقي ۾ ڪوڙي ٿئي ٿي.

طب[سنواريو]

مزاج: ٻئي درجي ۾ گرم خشڪ.
مقدار خوراڪ: ٽي ماسا.
خاصيت: هيءَ غليظ خلطن کي لطيف ڪندڙ، سوڄ هٽائيندڙ، پيشاب کوليندڙ ۽ قابض اثر رکي ٿي. سدن کولڻ ۽ معدي جي طاقت ڏيڻ لاءِ ڪارآمد آهي. جلندر، سنڌن جي سور ۽ پراڻي ڳنڍيل تپ لاءِ نهايت مفيد آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب:؛فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.