مواد ڏانھن هلو

جھنگلي بصر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جهنگلي بصر جو گل

جهنگلي بصر (ٻيا نالا: ع. عنصل، ف. پياز دشتي، هه. وغيره بسلا، ڪانده، اصيقل ۽ اطيطون) بصر جو ھڪ قسم آھي.

اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: کير ۽ مڇي، عيوض: بصر، وزن هڪ تولو.

سڃاڻپ: بصر جي نموني تي ڳنڍيون ٿئي ٿو، ذائقي ۾ ٿورو مٺو، جبل ۽ وارياسن پٽن جي پيدائش آهي.

خاصيت: فالـج، لقوي، مرگهي، مٿي جو سور، سرسام، نزلي جي رطوبت، دماغ جي ڦيري، جلندر ۽ يرقان لاءِ مفيد آهي. حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪري ٿو. مني ۽ قوت باهه کي وڌائي ٿو، منيءَ کي گهاٽو ڪري ٿو، مثاني جي بيمارين ۾ فائدو ڪري ٿو.[1]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.