جھمپير ونڊ پاور پلانٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جھمپير ونڊ پاور پلانٽ يا زورلو انرجي پاور پروجيڪٽ ھڪ ونڊ فارم آھي جيڪو پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٺٽي ۾ جھمپير ۾ واقع آھي، جيڪو ڪراچي کان 120 ڪلوميٽر اتر-اوڀر ۾ آھي.[1] پروجيڪٽ زورلو انرجي پاڪستان پاران تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو ترڪي جي فرم زورلو انرجي جي ماتحت آهي.[2] منصوبي جي ڪل لاڳت 143 ملين آمريڪن ڊالر آهي.

تاريخ[سنواريو]

پهرين مرحلي ۾ 6 ميگا واٽ جا پنج جرمن ٺاهيل گيئر لیس VENSYS 62 وينسيز ونڊ ٽربائنز، جن مان هر هڪ 1.2 ميگاواٽ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، حیسڪو HESCO جي 11 kV نيٽ ورڪ سان ڳنڍيو ويو ۽ اپريل 2009 ۾ پيداوار شروع ڪیو.[3] ٻئي مرحلي ۾، 1.8 ميگاواٽ جون 28 وڌيڪ ونڊ ٽربائنون لڳايون ويون، جن کي ڊنمارڪ جي ويسٽا طرفان فراهم ڪيو ويو، جيڪا مجموعي طور تي 50.4 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ هئي. ان سان منصوبي جي گنجائش 56.4 ميگاواٽ تائين وڌي وئي. پروجيڪٽ مارچ 2013ع ۾ مڪمل ٿيو. جولاءِ 2013 ۾، زورلو اينرجي اعلان ڪيو ته پاڪستان ۾ ان جو 56.4 ميگاواٽ جھمپير ونڊ پاور پلانٽ سڀ گهربل ٽيسٽ پاس ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان جي نيشنل پاور ڊسٽريبيوشن ڪمپني کي بجلي وڪڻڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.[4] هن وقت نجي ملڪيت وارو ترڪي ونڊ فارم پاڪستان کي پيدا ٿيل بجلي 12.1057 آمريڪي سينٽ في ڪلو واٽ ڪلاڪ جي حساب سان وڪرو ڪري رهيو آهي. هن وقت، پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 3200 ميگاواٽ جي 45 ونڊ پاور پراجيڪٽ ڪم ڪري رھیا آهن.[5]

پڻ ڏسو[سنواريو]

• پاڪستان ۾ پاور اسٽيشنن جي فهرست

• پاڪستان ۾ ڊيمن ۽ ذخيرن جي فهرست

• قابل تجديد توانائي پورٽل https://en.m.wikipedia.org/wiki/ https://en.m.wikipedia.org/wiki/

حوالا[سنواريو]

  1. Another wind power project completed at Jhimpir". The Nationlocation=Pakistan. 3 March 2013. Retrieved 1 December 2019.
  2. Alternative energy: In Jhimpir lies the future of wind farming". The Express Tribune. 24 December 2012. Retrieved 27 July 2013.
  3. Wind energy projects' take-off". Dawn. Pakistan. 5 August 2012. Retrieved 27 July 2013.
  4. "Turkish firm sells power in Pakistan". Hürriyet Daily News. 26 July 2013. Retrieved 27 July 2013.
  5. "Two wind power projects approved". The News International. 24 March 2013. Archived from the original on 27 March 2013. Retrieved 1 December 2019.