جھل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جھل (انگريزي: Jhil plant ) ٿر جو ھڪ عام ٻوٽو آهي.جهل سواءِ ڏندڻ جي ٻيو گهڻو ڪم ڪونه ڏئي.[1]جِهل ڀٽن تي يا نرم زمين ۾ ڪونه اُڀري، پر ڏهرن جي سخت زمين ۾ اُڀري. ڊيگهه ۾ ٻه فوٽ کن ٿيندو آهي، جو پاڻ ۾ ڳتيل گهاٽو ٿيندو آهي. هن مان ڏندڻ سٺا ٿيندا آهن. جي ماڻهو ڪم آڻيندا آهن. اونهاري جو پن ڪونه هجن ۽ ڍنگهر جهڙو پيو لڳندو آهي. برساتي موسم ۾ سائو ٿيندو آهي، ان وقت اُٺ، رڍون ۽ ٻڪريون کائينديون آهن[2].

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب:سير ريگستان؛ ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي؛ايڊيشن: 1976؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو