جيڪسن ھيلٿ سسٽم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


جيڪسن ھيلٿ سسٽم(انگريزي: Jackson Health System) ميامي ، فلوريڊا جي ڊائون ٽاؤن ۾ واقع 2106 بسترن واري ٽيچنگ اسپتال آھي. ھن ھيلٿ سسٽم ۾ مکيہ اسپتالن ۾ جيڪسن ميموريل ھاسپيٽل، ھولٽز چلڊرين ھاسپيٽل، جيڪسن ريھيبليٽيشن ھاسپيٽل، جيڪسن مينٽل ھيلٿ ھاسپيٽل، جيڪسن نارٿ ميڊيڪل سينٽر، ۽ جيڪسن سائوٿ ڪميونٽي ھاسپيٽل شامل آهن. ان کانسواءِ ھن ھيلٿ سسٽم جا ٽي ابتدائي سنڀال واراسينٽر، پنج مخصوص سنڀال وارا سينٽر ، ٻہ ڊگھي مدي واري سنڀال جا نسپنگ فيسليٽي وارا سينٽر، ڪيتريون ئي اسڪولي ڪلنڪون جيڪي پرائمري، مڊل ۽ ھاء اسڪولن ۾ قائم آھن. دماغي صحت وارو نيٽورڪ، پنج ڪائونٽي اسپتالون پڻ شامل آهن. صحت جي ھن نظام ۾ 12000 ڊاڪٽر، نرسون ۽ اسٽاف شامل آهن.