جيو پاليٽڪس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

'جيو پاليٽڪس:( Geo Politics): ارض سياست: زميني سياست: رياستن جي وچ ۾ گڏيل تعلقن، پاليسين، سياست تي جاگرافيائي حالتن ۽ محرڪن جي اثر انداز ٿيڻ کي زميني سياست يا جيو پاليٽڪس چئبو آهي. جيڪڏهن ڪنھن ملڪ جي بيھڪ ٻيٽ واري آھي جيئن برطانيا، جاپان، آسٽريليا، انڊونيشيا، سنگاپور، آئس لينڊ وغيره تہ ان جي ان زميني حيثيت مطابق سامونڊي رستن جي وڏي اھميت آهي ۽ ٻين ملڪن سان تعلق رکڻ ۾ اھا جاگرافيائي بيھڪ سياست تي اثرانداز ٿيندي. ان جي ڀيٽ ۾ اھڙا ملڪ جيڪي لينڊ لاڪڊ آھن جيئن افغانستان، منگوليا، وچ ايشيا جون ڪجهه رياستون ، نيپال، ڀوٽان وغيره تہ انھن جي بيھڪ ۾ زميني رستا ڏاڍي اھميت رکن ٿا تنھنڪري ان جي ٻين ملڪن سان بين الاقوامي تعلقات جي سياست تي ان جي اھا بيھڪ اثرانداز ٿيندي. جيو پاليٽڪس اصل ۾ ڪنھن بہ ملڪ جي خارجہ پاليسي جو حصو ھوندي آھي. چين کي اولھ پاسي بندرگاهه نہ ھجڻ جي ڪري ڏکڻ کان سمنڊ رستي آفريڪا ۽ وچ اوڀر جي عرب ملڪن سان واپار ڪرڻ ۽ عرب ملڪن مان تيل درآمد ڪرڻ ۾ ڏاڍو مھانگو رستو استعمال ڪرڻو پئجي رهيو هو. پاڪستان ۾ روڊن جو نظام بھتر ٿيڻ ۽ گوادر جي بندرگاهه تعمير ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان چين جي بين الاقوامي تعلقاتن ۾ پاڪستان جي جاگرافيائي بيھڪ اھم بڻجي اثرانداز ٿي جيو پاليٽڪس تحت پاڪ چين ايڪانامڪ ڪاريڊور جي قيام جو سبب ٿي ۽ ٻنھي ملڪن م اھو معاھدو عمل ۾ اچي ويو.