جيوت سنگهه صوفي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

جيوت سنگهه صوفي ويدانتي شاعر ۽ درويش، 1256هه مطابق 1840ع ڌاري قمبر ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻي قمبر-شهدادڪوٽ) ۾ هڪ ڀرئي ڀاڳيي سئناڻي ڪٽنب ۾ پيدا ٿيو.

ننڍپڻ[سنواريو]

ننڍي هوندي کان وٺي هن جو لاڙو ساڌ سنگ طرف گهڻو هوندو هو. سندس پيءُ ننڍي هوندي مري ويو هو، ان ڪري هن جي تعليم ۽ تربيت جو بار سندس ماءُ تي اچي پيو. انهن ڏينهن جي رواج موجب هو فارسي چڱيءَ ريت پڙهيو ۽ سنڌيءَ جو به چڱو محاورو حاصل ڪيائين.

سنت يوگ[سنواريو]

علم حاصل ڪرڻ بعد سندس ڀاءُ شامداس، جيڪو کانئس وڏو هو، ان جي مرضي ٿي ته هو پنهنجي ملڪيت جي سنڀال ۾ لڳي. سندس وڏا باغات ۽ زراعت جو ڪم ڪندا هئا. جيوت سنگهه به ڀاءُ جي خواهش موجب ساڳي اباڻي ڪرت ڪرڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن گهوڙي تي چڙهي ٻني ٻارا گهمڻ ويندو هو، پر سندس دل دنياوي اسباب سان نه لڳي، ڇو ته کيس سنتن ۽ ساڌن جو سنگ ۽ صحبت پسند هئي. جڏهن جڏهن کيس موقعو ملندو هو ته ساڌ سنگ ۾ وڃي نڪرندو هو ۽ فقيراڻي ويراڳ ۾ وڃي شامل ٿيندو هو، ان وقت ڌاري ولايت راءِ نالي هڪ درويش پنهنجي يوگ وديا کان مشهور هو. هو هالن جو ويٺل ۽ کتري خاندان مان هو، هو جيتوڻيڪ سرڪاري نوڪريءَ ۾ تپيدار هو، پر وڏو ويدانتي شخص هو. هن جي روحاني منزل جي سڄيءَ سنڌ ۾ هاڪ هئي. جيوت سنگهه جو ڀاءُ شامداس به سندس معتقد هو. هن ولايت راءِ کي عرض ڪيو ته جيوت راءِ تي ڪا مِهر جي نظر ڪري سندس جيون ۾ تبديلي آڻي، اهڙيءَ طرح ڀاڻس هڪ ڏينهن جيوت کي ولايت راءِ وٽ وٺي آيو، ۽ ائين ولايت راءِ جي صحبت ۽ رهبريءَ ۾ جيوت سنگهه به روحاني منزل جو صاحب بڻجي ويو. ان بعد سندس شغل فقط ست گُر (مرشد) ۽ ساڌ سنگ جي شيوا رهي، جنهن ۾ هن پاڻ گهڻو موکيو ان وقت ڌاري شڪارپور ۾ مهراج شنڪر ڀارتي وڏي درجي جو صوفي درويش هو. جيوت سنگهه ڪهي اچي ان درويش جو درشن ڪيو. ماڻهن جيوت سنگهه جي تمام وڏي عزت ڪئي ۽ هي اتي صوفين جي سچي سنگ ۾ رهي خود به مرادن جو مرڪز بڻجي ويو. هو جڏهن اتان موٽي قمبر آيو ته سڄو شهر سندس مشتاقن سان ڀرجي ويو، وٽس سڄو ڏينهن ڪٿا ڪيرتن جو شغل هلندو رهندو هو، جنهن ۾ زالون ۽ مرد اچي حصو وٺندا هئا.

ذاتي زندگي[سنواريو]

جيوت سنگهه پرڻيل هو، پر کيس ڪو به اولاد نه ٿيو. ان ڪري هو ظاهري/ دنياوي موهه کان پري رهيو ۽ آزاد زندگي گذاريندي، درويشن جي چاڪريءَ ۾ رهيو. جيوت سنگهه جي ست گر (مرشد) ولايت راءِ 1887ع ڌاري لاڏاڻو ڪيو. ان وقت صوفي جيوت سنگهه اتي موجود هو، مرشد جي موت سندس دل تي گهرو اثر ڪيو، پوئين وقت ۾ خلق خدا جي خدمت ڪرڻ سان گڏ طب طرف ڌيان ڏنائين. هو آريا ويدڪ طب ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، هڪ ويڄ/ طبيب جي حيثيت ۾ سندس ناماچاري چوڌاري پکڙجي وئي. سندس دوائون جيتوڻيڪ ساديون هونديون هيون، پر ماڻهن کي ان مان وڏو فائدو ٿيندو هو. جيوت سنگهه سنڌي ۽ هندي ٻوليءَ جو سٺو شاعر هو، سندس شعر سادو ۽ پريم سان ڀريل آهي. [1]

چالاڻو[سنواريو]

هن 1377هه/ جنوري 1899ع ۾ چالاڻو ڪيو.

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011