جين ايڊمز
جين ايڊمز | |
---|---|
پيدائش | سيپٽمبر 6 1860 سيڊرولالينوئس يو. ايس. |
وفات | مئي 21, 1935 (عمر 74 سال) شڪاگوالينوئس |
تعليم | راڪفرڊ فيميل سيمينري |
پيشو | سوشل ورڪر، سياسي ڪارڪن،ليکڪ، ليڪچرار، ڪميونٽي آرگنائيزر،عوامي دانشور. |
ماءُپيءُ | جان ايڇ. ايڊم
سارہ ويبر ايڊم |
اعزاز | نوبل امن ايوارڊ (1931) |
سڃاڻپ نشان | |
جين ايڊمز:Jane Addams : (8 سيپٽمبر1860 ۾ پيدا ٿي ۽ 21 مئي 1935 ۾ وفات ڪري وئي) کيس سوشل ورڪ جي ماء سڏيو ويندو هو[1] [2]
مشهور فئلسوف سويڊن بورگ لکيو آهي ته ”بنا ڪنهن معاوضي جي ٻين جي خدمت ڪرڻ ئي اصل خدمت خلق آهي.“ جين ايڊمز سچ پچ انهيءَ تعريف جي لائق عورت آهي. هن آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ مستحق ۽ نادار ماڻهن لاءِ ”هل هائوس“ نالي شهر آباد ڪيو جيڪو اڄ تمام گهڻو مشهور آهي. جين پنهنجي سڄي زندگي دولت سک ۽ آرام غريب عوام لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اڄ انهيءَ خدمت خلق جي ڪري جين پنهنجي دور جي عظيم عورت ۽ آمريڪا جي مشهور خدمت گذار عورت ليکي وڃي ٿي. جين ايڊمز آمريڪي رياست الي نائس جي شهر سيڊرويل ۾ 1860ع ۾ ڄائي. هوءَ پنهنجن سڀني ڀيڻن ڀائرن کان ننڍي هئي. ننڍپڻ ۾ ئي هن جي ماءُ وفات ڪري وئي. ۽ جين جي پرورش سندس پيءَ مسٽر ايڊمز ڪئي. هو هڪ وڏو ڪاروباري ماڻهو هو. ۽ رياست جي سينٽ جو 16 سالن تائين ميمبر به رهيو. هن پنهنجن ٻارن کي سدائين پاڻ سان گڏ رکيو. جين پيدائشي طور تي ڪمزور ڇوڪري هئي هن جي پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ ور هو، هوءَ سڄي عمر انهيءَ مرض ۾ مبتلا رهي. پنهنجي صحت خراب هجڻ جي باوجود هوءَ فطرت جي هر پهلوءَ جو مطالعو ڪندي هئي، ۽ ڏاڍي جوش خروش سان تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مصروف رهي. جين اڃا ستن سالن جي مس هئي جو هن محسوس ڪيو ته انساني زندگي سڀني لاءِ هڪ جهڙي ڪانهي کيس ان ۾ گهڻو فرق محسوس ٿيو، پر انهيءَ عمر ۾ غربت جو سبب ۽ نتيجو سمجهي نه سگهندي هئي. هن کي اهو احساس هو ته اها نا انصافي آهي جو ڪو غريب هجي ۽ ڪو امير هجي. جين جو چوڻ هو ته ”مون اهو فرق محسوس ڪيو ته ٻهراڙيءَ ۾ غربت جي باوجود ماڻهو صحت مند آهن. پر ننڍي کان ننڍي شهر ۾ به غربت سان گڏ بيماري گند ۽ غلاظت آهي. مون کي ياد آهي ته مون پنهنجي پيءَ کان اهو سوال پڇيو ته هي ماڻهو انهن ننڍڙن ننڍڙن گهرن ۾ هڪ ٻئي سان گڏو گڏ ڇو ٿا رهن؟ منهنجي پيءَ مون کي ان جو جواب ڏنو هو ۽ مون وڏي اعتماد سان اهو ارادو ڪيو هو ته آءٌ وڏي هوندي، وڏي ۽ سٺي گهر ۾ ضرور رهنديس. پر منهنجو گهر وڏن وڏن گهرن بدران اهڙين بدصورت ۽ گندين جهوپڙين جي وچ ۾ هوندو هو.“ جين اڃا اٺن سالن جي هئي ته پهريون ڀيرو هن جي برابريءَ واري خواهش جي آزمائش ٿي. هن جي پيءُ هڪڙو نيري رنگ جو خوبصورت ڪوٽ هن کي وٺي ڏنو هو. جنهن کي جين تمام گهڻو پسند ڪندي هئي. هڪ آرتوار (موڪل) جي ڏينهن تي هوءَ پنهنجي پيءُ سان هڪڙو مدرسو ڏسڻ پئي وئي ۽ اهو ڪوٽ پاتائين، تنهن تي سندس نيڪ دل پيءُ چيس ته هي نئون ڪوٽ پائي نه هل، ڇو ته اتي ٻيا اهڙا ٻار به هوندا جن وٽ پائڻ لاءِ اهڙا سٺا ڪپڙا ڪونهن، ۽ هنن کي ڏک ٿيندو. جين لکي ٿي ته ”مون اهاڳالهه هڪدم مڃي، پر دل سان نه. ڇو ته منهنجي دل ۾ ان وقت ايترو جذبو پيدا ڪونه ٿيو هو جيڪو قرباني ڏيڻ سان پيدا ٿيندو آهي.“ جين جو پيءُ مسٽر ايڊمز اهڙي صلح پسند عيسائي فرقي ۾ پيدا ٿيو هو. جنهن کي ”ڪويڪر“ ڪري سڏيندا هئا. مسٽر ايڊمز جو خيال هو ته هن جي خيالن ۽ ويچارن جو هن جي اولاد تي اثر هئڻ گهرجي هو آمريڪي صدر ابرهام لنڪن جو دوست به هو. ابرهام لنڪن مسٽر ايڊمز کي جيڪي خط لکيا هئا. انهن به جين تي وڏو اثر وڌو.
. 1877ع ۾ جين سترهن سالن جي عمر ۾ ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ يوناني ۽ رياضيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. پر هن کي تاريخ پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو. هن کي ننڍي هوندي تاريخ جو تمام سٺو استاد مليو هو. جين لکي ٿي ته ”منهنجي پيءُ مون کي ”ملو ٽارڪ“ جون لکيل آتم ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ ڏنيون ۽ پڙهڻ کان پوءِ آءٌ کيس اهي ياد ٻڌائيندي هيس ۽ هر ڀيري ٻڌائڻ کان پوءِ مون کي پنج سينٽ انعام طور ڏيندو هو. جڏهن مون کيس جارج واشنگٽن جي حياتيءَ جو احوال پڙهي ٻڌايو ته هر جلد ٻڌائڻ تي مونکي پنجويهه سينٽ انعام ڏيندو هو.“ ڪاليج جي تعليم ختم ڪرڻ کان پوءِ جين فيصلو ڪيو ته هوءَ پنهنجي زندگي ڪنهن مقصد لاءِ وقف ڪري. هن جي مرضي هئي ته ڊاڪٽر ٿي غريب ماڻهن جي خدمت ڪري. ڇو ته جيئن جيئن هو وڏي ٿيندي وئي هن ۾ اهو احساس عمر سان گڏ وڌندو ويو. جين فلاڊيلفيا رياست جي عورتن جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي. پر پٺيءَ جي ڪنڊي جي تڪليف ڪري گهڻو وقت اسپتال ۾ داخل رهي ۽ پوءِ صحت جي خرابي ڪري ٻه سال يورپ ۾ رهي. اتي هوءَ انهن ملڪن جي پٺتي پيل پاڙن ۾ ويندي هئي. جتي هن کي وڌيڪ پنهنجائپ محسوس ٿيندي هئي. ۽ اميري ۽ غريبيءَ ۾ گهڻو فرق ڏسي ڏاڍي تڪليف محسوس ڪندي هئي. هن رات جي ٽائيم تي غريب ماڻهن کي رستي تي پيل سڙيل ڀاڄيون کائيندي ڏٺو ٺيڪ ٿيڻ کان پوءِ جين آرٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. اتي هوءَ انهن مزدور عورتن کي ڪڏهن به وساري نه سگهي جن جون آڱريون ڪم ڪري ڪري سڄي ۽ سخت ٿي ويون هيون. جين جو چوڻ آهي ته ”مغربي ملڪن جي سياحت دوران هارين جي خراب حالت ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. آءٌ هڪڙو منظر ڪڏهن به وساري نه سگهنديس. هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪڙي مئل جانور کي جيڪو ڏڪار جي ڪري مري ويو هو، ۽ ٻين جانورن انهيءَ کي کاڌو پئي پاسي ۾ هڪڙي هارياڻي ۽ سندس ٻن ٻارن نااميديءَ وچان اهو نظارو بيٺي ڏٺو. انهن ٻارن جا وار سخت ۽ سج جي تپش جي ڪري ڪارا ٿي ويا هئا. هنن جا ننڍڙا ننڍڙا پير اهڙا ته ڪارا ۽ سخت هئا ۽ اهڙا نشان هئا جو ڪنهن جانور جا پير ٿي لڳا. جيتوڻيڪ بن مانس جيڪي ماڻهن وانگر هوندا آهن. سي به خوش و خرم لڳندا آهن. پر انهن ٻارن جي منهن تي ڪو به خوشيءَ جو نشان ڪونه هو.“ انسانن جي اهڙي حالتن ۽ منظرن کي ڏسي، جن ۾ انسان حيوان کان بدتر زندگي پئي گهاري، جين کي ڏاڍو ڏک پهچندو هو. هوءَ سمجهڻ لڳي ته انسان جي تهذيب کي جيڪڏهن انسان ذات جي ڀلائي لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي ته هو خودغرضيءَ جو ذريعو بنجيو وڃي. جين پنهنجي ماحول آرام ۽ سک واري زندگيءَ کان مطمئن ڪانه هئي. هن سوچيو ته شڪاگو ۾ اهڙن ضرورتمند ماڻهن لاءِ اهڙو گهر قائم ڪيو وڃي جتي هوءَ ٻين سان گڏجي هنن جي خدمت ڪري سگهي. انهيءَ ڳالهه ۾ جين جي ننڍپڻ جي ساهيڙي ايلن اسٽار به هن جو ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪيو. جنوري 1889ع ۾ جين آمريڪا واپس اچي شڪاگو ۾ اهڙي گهر جي ڳولا ڪئي. گهڻي ڳولا کان پوءِ نيٺ هنن کي هڪڙو وڏو گهر مليو، جيڪو اڳتي هلي ”هل هائوس“ جي نالي سان مشهور ٿيو. جين ۽ سندس ساهيڙي اسٽار 1889ع ۾ انهيءَ گهر ۾ رهڻ لڳيون. انهيءَ گهر جي مالڪياڻيءَ کي جڏهن جين جي ارادي جي خبر پئي ته نه فقط هن مسواڙ ڪانه ورتي پر جين جي انهيءَ منصوبي لاءِ ٻي زمين به ڏني: جنهن تي هل هائوس جا تيرهن ٻيا گهر به ٺهرايا ويا. هل هائوس پهريائين شڪاگو ۾ اهڙي طرف هو. جنهن جي چوطرف اطالوين، يونانين، روسين يهودين جا گهر هئا. ان وقت شهر جون گهٽيون حد کان وڌيڪ گنديون ۽ غليظ هيون. اسڪول تمام گهٽ ۽ گندا هئا. رستن جو فرش ڪچو هو. پاڻيءَ جي نيڪال جو به ڪو بندو بست ڪونه هو. ان وقت جا واپاري ۽ ٺيڪيدار تمام ظالم هئا. هنن دڪانن کي ننڍن ننڍن تهه خانن ۾ بدلائي ڇڏيو هو. انهيءَ گندگي جي ڪري مزدورن جي صحت تمام خراب هئي. جين آهستي آهستي نئين آباد ڪاريءَ جو ڪم شروع ڪيو. جين کي نئين آبادڪاريءَ لاءِ رضاڪار ملڻ لڳا. هڪڙي عورت صبح جو ننڍڙن ٻارن کي پڙهائڻ ايندي هئي. هڪڙي ٻي مائيءَ ٻارن جو ڪلب قائم ڪيو، جنهن کي ”ننڍڙن هيروئن جي ڪليسا“ جو نالو ڏنو ويو. هوءَ ٻارن کي پراڻي زماني جي بهادرن جا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي. جن کي ٻڌي ٻار به اهڙا ڪردار ٿيڻ جا خواب ڏسندا هئا. هل هائوس ۾ پهرين ڪرسمس جي موقعي تي جين لکي ٿي ته ”جيتوڻيڪ ان وقت منهنجو هٿ تنگ هو ۽ مون کي ٻارن لاءِ مٺائي ۽ بوٽ وٺڻا هئا. مون ان ڪري ابراهام لنڪن جي حياتيءَ تي لکيل ڪتابن جا پنجويهه جلد وڪڻي ڇڏيا.“ ستت ئي هل هائوس ۾ ڇوڪرين کي سلائي ڀرت ۽ رڌ پچاءُ سيکارڻ جو ڪلاس کوليو ويو. ۽ ڇوڪريون سکي، جيڪي ڪپڙا سبنديون هيون سي کين ڏنا ويندا هئا. جين ننڍڙن ٻارن لاءِ نرسري کولي. هوءَ چوي ٿي ته ”اسان کي انهن ٻارن سان ملڻ جو موقعو مليو، جن جون مائرون سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪرڻ وينديون هيون. پهريائين هو پنهنجن ٻارن کي ڪنهن پاڙي واريءَ جي حوالي ڪري وينديون هيون. انهيءَ پاڙي مان اسان کي ٽي اهڙا ٻار مليا، جيڪي انهيءَ سبب ڪري معذور ٿي ويا هئا. انهن مان هڪڙو ٻار ٽئين منزل جي دريءَ تان ڪري پيو هو. ٻيو سڙي ويو هو، ۽ ٽئين جي ٻٺيءَ جو ڪنڊو مڙي ويو هو جو ٽن سالن تائين هن جي ماءُ هن کي رڌڻي ۾ ميز سان ٻڌي ڪم تي ويندي هئي. ٻار کي رڳو ٻنپهرن جو ٿوري دير لاءِ ڀاءُ ڪم تان اچي کوليندو هوس ۽ ماني کارائي وري ٻڌي ويندو هوس. گرميءَ جي ڏينهن ۾ وري ٻارن کي ڪمري ۾ بند ڪرڻ ممڪن نه هو ته مائون هنن کي گهر کان ٻاهر ڪڍي گهر کي تالو هڻي وينديون هويون. پوءِ ننڍڙا ٻار سڄو ڏينهن گرميءَ ۾ ٻاهر رستي تي ڀٽڪندا وتندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن هل هائوس اچي نڪرندا هئا. اسين انهن کي ماني کارائينديون هيون سين ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪو ٻار ماني کائي مٺ ۾ ڀڪوڙيل گرم گرم پئسو ڪڍي اسان کي ڏيندو هو. جيڪو هن جي ماءُ شيءِ وٺڻ لاءِ ڏيئي ويندي هيس. ٻارن جي اهڙي حالت ڏسي اسان نرسري کولڻ جو انتظام ڪيو نوروز جي ڏينهن تي اسين اپهاهج گهر مان پوڙهن ماڻهن کي دعوت ڏيئي گهرائيندا هئاسين. اسان وٽ اچي هو ٿوري وقت لاءِ پنهنجيون بيماريون ۽ پريشانيون وساري خوش ٿينداهئا. ”جين هر سال محتاج خاني مان ٻن هفتن جي موڪل تي ماڻهن کي هل هائوس ۾ رهڻ لاءِ گهرائيندي هئي. جتي هنن جو خاص خيال رکيو ويندو هو ۽ سٺي ماني کارائي ويندي هئي. واپس وڃڻ مهل اهي ماڻهو ڏاڍو اداس هوندا هئا. ۽ واپس وڃي انهن ٻن هفتن جي خوشگوار ڏينهن کي ياد ڪندا هئا ۽ ايندڙ سال جو انتظار ڪندا هئا. 1890ع ۾ هل هائوس ۾ مزدورن کي سماجي علم سيکارڻ لاءِ ڪلب قائم ڪيو ويو. جتي وڏا وڏا مشهورماڻهو اچي تقريرون ڪندا هئا. مزدور ڇوڪرين جي رهڻ لاءِ به ڪلب کوليو ويو. جنهن جو نالو ”جين ڪلب“ رکيو ويو. جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو. هڪڙي ماڻهو ان ڪلب لاءِ ويهه هزار ڊالر چندو موڪليو. پر جڏهن جين کي خبر پئي ته اهو ماڻهو پنهنجي ڪارخاني جي مزدورن کي تمام گهٽ پگهار ڏيندو آهي ته جين اهو چندو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هڪڙي ٻي نيڪ دل ماڻهوءَ جين ڪلب لاءِ عمارت ٺهرائي ڏني. 1893ع ۾ هل هائوس ۾ موسيقيءَ جي تعليم لاءِ اسڪول کوليو ويو. جين جو خواب هاڻ حقيقت بنجندو ويو. هل هائوس جي ڪم کان سواءِ جين ٻين محاذن تي به ماڻهن جي خدمت ۾ مصروف هئي. هن ڪارخانيدارن سان وڙهي الي نائيس اسٽيٽ ۾ اهو قانون پاس ڪرايو جنهن ۾ مٺائيءَ جي دڪانن جي صفائيءَ جا قاعدا مقرر ڪيا ويا. چوڏهن سالن کان گهٽ ٻارن جي پورهئي ڪرائڻ تي بندش وڌي ويئي. جين شهر شهر جو دورو ڪندي رهي ۽ پنهنجين تقريرن ۾ ماڻهن کي بيداري جو سبق ڏيندي رهي. جين جي ڪوشش سان ڪي ٻيا به اصلاح نافذ ڪيا ويا جن ۾ مزدورن ۽ سرمائيدارن جي جهڳڙن کي نبيرڻ لاءِ هڪڙو سرڪاري بورڊ قائم ڪيو ويو، سرڪاري نگرانيءَ ۾ روزگار جي ڳولا لاءِ هڪڙو ادارو قائم ڪيو ويو ۽ مزدورن کي قانوني طور تي ڪجهه رعايتون ڏنيون ان کانسواءِ هن ڪوڪين جي وڪري خلاف وڏي جدوجهد ڪئي.آخرڪار 1908ع ۾ ڪوڪين فروشي کي ڏوهه قرار ڏنو ويو. 1899ع ۾ ڏوهه ڪندڙ ٻارن جي خاص عدالت قائم ڪئي وئي ۽ هل هائوس طرفان ٻارن جي ڏوهن ۾ گهٽتائي ٿي. جين هميشه ٻارن جي راند، ورزش ۽ تفريح تي زور ڏيندي هئي جيئن هنن جو ڌيان ٻين ڳالهين ڏانهن نه وڃي.
جين شڪاگو جي تعليم واري شعبي جي ميمبر به رهي. هن 1910ع ۾ سينٽ لوئيس رياست ۾ رفاحي اصلاحن جي قومي ڪانفرنس جي صدارت ڪئي. جڏهن پهرين جنگ عظيم شروع ٿي ته هن کي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ آئينده جنگين کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪرڻ لڳي. هوءَ جنگ خلاف آمريڪي عورتن جي مجلس عامله جي ميمبر ٿي.
عورتن جي تنظيم ”امن جماعت“ جي پهرين ميمبر منتخب ٿي ۽ دائمي صلح لاءِ عورتن جي بين الاقوامي ڪميٽيءَ جي صدر چونڊي وئي. هن 1919ع ۾ جين جي خاص عزت افزائي ٿي جو هوءَ عورتن جي بين الاقوامي ڪانگريس جي صدر چونڊي وئي. هن 1915ع ۾ هيگ جي مجلس امن 1919ع ۾ زيورچ جي امن ڪانفرنس ۾ 1921ع ۾ ويانا جي امن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. جين ڪافي ڪتاب به لکيا جن ۾ ”عمراني نظرئي ۽ مستقبل تي جمهوري ۽ سماجي اخلاقيات“،”امن جا نوان نصب العين“ بنا صفيا ۽ هڪ پراڻي ضر!“ ۽ هل هائوس جي باري ۾ ٻه ڪتاب لکيا. جين عورتن جي اظهار راءِ واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ۽ هو آخري عمر تائين انسان ذات جي ڀلائي جي ڪمن ۾ مصروف رهي.[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Franklin, D. (1986). Mary Richmond and Jane Addams: From Moral Certainty to Rational Inquiry in Social Work Practice. Social Service Review , 504-525.
- ↑ Chambers, C. (1986). Women in the Creation of the Profession of Social Work. Social Service Review , 60 (1), 1-33.
- ↑ {رسالو: سرتيون؛ آڪٽوبر1995؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوروhttp://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/sartyoon/Book6/Book_page2.html}[مئل ڳنڍڻو]