جيني شپلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
رائيٽ آنربل
ڊيمي جيني شپلي
Dame Jenny Shipley

ڊي اين زيڊ ايم

شپلي 2013 ۾
نيوزيلينڊ جي 36ھين وزيراعظم
عهدو سنڀاليو
8 ڊسمبر
1997 – 10 ڊسمبر
1999
شاهي حڪمران ايلزبيٿ II
گورنر جنرل ميخائيل ھارڊي بوائيس
ڊپٽي ونسٽن پيٽرز
ويٽ ڪريڪ
پيشرو جم بولگر
جانشين ھيلن ڪليرڪ
28 ويھين مخالفت ڌر جي اڳواڻ
عهدو سنڀاليو
10

ڊسمبر1999 – 8

آڪٽوبر 2001
وزير اعظم ھيلن ڪليرڪ
پيشرو ھيلن ڪليرڪ
جانشين بل انگلش
Member of the نيوزيلينڊ Parliament
for ريڪائيا تڪ (Rakaia )
عهدو سنڀاليو
27 آڪٽوبر 1990 – 27 جولاءِ 2002
پيشرو تڪ قائم ٿيو
جانشين برائن ڪونيل
Member of the نيوزيلينڊ Parliament
for اشبرٽن وارو تڪ
عهدو سنڀاليو
15 آگسٽ 1987 – 27 آڪٽوبر 1990
پيشرو راب ٽالبوٽ
جانشين تڪ منسوخ ٿيو
ذاتي تفصيل
پيدائش جينيفر ميري رابسن
فيبروري 1952 (عمر 72 سال)
گور, نيوزيلينڊ
سياسي جماعت نيوزيلند نيشنل پارٽي
جيون ساٿي برٽن شپلي (ش. 1972)
ٻار ٻچا 2

ڊيمي جينيفر ميري شپلي{{ٻيا نالا|انگريزي= Dame Jennifer Mary Shipley [1] نيوزيلينڊ جي اڳوڻي سياستدان ۽ ملڪ جي ڇٽيھين وزيراعظم آهي. اھا 1997 کان 1999 تائين ملڪ جي وزيراعظم رھي ۽ ان کي نيوزيلينڊ جي پھرين عورت وزيراعظم ٿيڻ جو اعزاز حاصل آهي.ھي نيوزيلينڊ جي نيشنل پارٽي جي پھرين ۽ واحد عورت سربراھ ھئي.[2]نيوزيلينڊ جي ڏاکڻي ٻيٽ جي ڏاکڻي علائقي سائوٿ لينڊجي شھر گور ۾ پيدا ٿي. ھي ٻھراڙيءَ واري علائقي ڪينٽربري ۾ وڏي ٿي ۽ مارلبورو گرلس ڪاليج ۽ ڪرائسٽ چرچ ڪاليج آف ايجوڪيشن ۾ تعليم حاصل ڪيائين. سياست ۾ اچڻ کان اڳ اسڪول ۾ استاد ھئي ۽ کوڙ ڪميونٽي تنظيمن ۾ سرگرم ھئي. 1987 جي عام چونڊن ۾ اشبرٽن واري تڪ مان پارليامينٽ جي ميمبر ٿي. ان تڪ جو بعد ۾ نالو 1990 واري چونڊن ۾ ريڪائيا رکيو ويو.ان ئي سال نيوزيلينڊ نيشنل پارٽي اقتدار ۾ آئي ۽ ھي جم بولگر جي ڪابينه ۾ سوشل ويلفيئر جي ۽ بعد ۾ عورتن جي معاملن جي، وري بعد ۾ صحت کاتي ۽ آخر ۾ ٽرانسپورٽ جي وزير بڻي. ڊسمبر 1997 ۾ جڏهن پارٽي ۾ اعتماد وڃائڻ ڪري استعفیٰ ڏني تہ شپلي ملڪ جي پھرين عورت وزيراعظم بڻي.

شپلي۽ آمريڪي صدر بل ڪلنٽن 15 سيپٽمبر 1999 ۾ ڪرائسٽ چرچ ۾ رائل نيوزيلينڊ ايئرفورس ميوزيم ۾ ھڪ تقريب ۾ جام کڻندي

ھن جي حڪومت مخلوط ھئي جنھن ۾ ونسٽن پيٽرز جي پارٽي نيوزيلينڊ فسٽ سندن اتحادي ھئي پر اھو حڪومتي اتحاد آگسٽ 1998 ۾ ٽٽي ويو پر ھن مئوري پيسيفڪ نالي نيوزيلينڊ فسٽ جي ھڪ ڌڙي جي مدد سان پنھنجي حڪومت برقرار رکي. 1999 جي عام چونڊن ۾ شپلي جي پارٽي کي ھيلن ڪليرڪ جي نيوزيلينڊ ليبر پارٽي کان شڪست ملي. جنھن بعد شپلي پارليامينٽ ۾ آڪٽوبر 2001 تائين مخالف ڌر جي اڳواڻ رھي. سياست ڇڏڻ کان پوء ھن پنھنجي ڪاروبار ۽. خيراتي ڪمن ۾ مصروفيت اختيار ڪئي ۽ عالمي عورت اڳواڻن جي ڪائونسل جي پڻ ميمبر آھي.

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "Jenny Shipley". New Zealand history online. Ministry for Culture and Heritage. حاصل ڪيل 2 February 2018. 
  2. Skard, Torild (2014) "Jenny Shipley and Helen Clark" in Women of Power – Half a century of female presidents and prime ministers worldwide. Bristol: Policy Press, ISBN 978-1-44731-578-0