مواد ڏانھن هلو

جيني شپلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڊيمي جيني شپلي
Dame Jenny Shipley

شپلي 2013 ۾
نيوزيلينڊ جي 36ھين وزيراعظم
عهدي ۾
8 ڊسمبر
1997  10 ڊسمبر
1999
شاهي حڪمرانايلزبيٿ II
گورنر جنرلميخائيل ھارڊي بوائيس
ڊپٽيونسٽن پيٽرز
ويٽ ڪريڪ
پيشروجم بولگر
جانشينھيلن ڪليرڪ
28 ويھين مخالفت ڌر جي اڳواڻ
عهدي ۾
10

ڊسمبر1999  8

آڪٽوبر 2001
وزير اعظمھيلن ڪليرڪ
پيشروھيلن ڪليرڪ
جانشينبل انگلش
Member of the نيوزيلينڊ Parliament
for ريڪائيا تڪ (Rakaia )
عهدي ۾
27 آڪٽوبر 1990  27 جولاءِ 2002
پيشروتڪ قائم ٿيو
جانشينبرائن ڪونيل
Member of the نيوزيلينڊ Parliament
for اشبرٽن وارو تڪ
عهدي ۾
15 آگسٽ 1987  27 آڪٽوبر 1990
پيشروراب ٽالبوٽ
جانشينتڪ منسوخ ٿيو
ذاتي تفصيل
ڄائوجينيفر ميري رابسن
(1952-02-04) 4 February 1952 (age 74)
گور, نيوزيلينڊ
سياسي پارٽينيوزيلند نيشنل پارٽي
زال/مڙسبرٽن شپلي (ش. 1972)
ٻار2

ڊيمي جينيفر ميري شپلي{{ٻيا نالا|انگريزي= Dame Jennifer Mary Shipley [1] نيوزيلينڊ جي اڳوڻي سياستدان ۽ ملڪ جي ڇٽيھين وزيراعظم آهي. اھا 1997 کان 1999 تائين ملڪ جي وزيراعظم رھي ۽ ان کي نيوزيلينڊ جي پھرين عورت وزيراعظم ٿيڻ جو اعزاز حاصل آهي.ھي نيوزيلينڊ جي نيشنل پارٽي جي پھرين ۽ واحد عورت سربراھ ھئي.[2]نيوزيلينڊ جي ڏاکڻي ٻيٽ جي ڏاکڻي علائقي سائوٿ لينڊجي شھر گور ۾ پيدا ٿي. ھي ٻھراڙيءَ واري علائقي ڪينٽربري ۾ وڏي ٿي ۽ مارلبورو گرلس ڪاليج ۽ ڪرائسٽ چرچ ڪاليج آف ايجوڪيشن ۾ تعليم حاصل ڪيائين. سياست ۾ اچڻ کان اڳ اسڪول ۾ استاد ھئي ۽ کوڙ ڪميونٽي تنظيمن ۾ سرگرم ھئي. 1987 جي عام چونڊن ۾ اشبرٽن واري تڪ مان پارليامينٽ جي ميمبر ٿي. ان تڪ جو بعد ۾ نالو 1990 واري چونڊن ۾ ريڪائيا رکيو ويو.ان ئي سال نيوزيلينڊ نيشنل پارٽي اقتدار ۾ آئي ۽ ھي جم بولگر جي ڪابينه ۾ سوشل ويلفيئر جي ۽ بعد ۾ عورتن جي معاملن جي، وري بعد ۾ صحت کاتي ۽ آخر ۾ ٽرانسپورٽ جي وزير بڻي. ڊسمبر 1997 ۾ جڏهن پارٽي ۾ اعتماد وڃائڻ ڪري استعفیٰ ڏني تہ شپلي ملڪ جي پھرين عورت وزيراعظم بڻي.

شپلي۽ آمريڪي صدر بل ڪلنٽن 15 سيپٽمبر 1999 ۾ ڪرائسٽ چرچ ۾ رائل نيوزيلينڊ ايئرفورس ميوزيم ۾ ھڪ تقريب ۾ جام کڻندي

ھن جي حڪومت مخلوط ھئي جنھن ۾ ونسٽن پيٽرز جي پارٽي نيوزيلينڊ فسٽ سندن اتحادي ھئي پر اھو حڪومتي اتحاد آگسٽ 1998 ۾ ٽٽي ويو پر ھن مئوري پيسيفڪ نالي نيوزيلينڊ فسٽ جي ھڪ ڌڙي جي مدد سان پنھنجي حڪومت برقرار رکي. 1999 جي عام چونڊن ۾ شپلي جي پارٽي کي ھيلن ڪليرڪ جي نيوزيلينڊ ليبر پارٽي کان شڪست ملي. جنھن بعد شپلي پارليامينٽ ۾ آڪٽوبر 2001 تائين مخالف ڌر جي اڳواڻ رھي. سياست ڇڏڻ کان پوء ھن پنھنجي ڪاروبار ۽. خيراتي ڪمن ۾ مصروفيت اختيار ڪئي ۽ عالمي عورت اڳواڻن جي ڪائونسل جي پڻ ميمبر آھي.

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Jenny Shipley". New Zealand history online (انگريزي ۾). Ministry for Culture and Heritage. 27 October 2017. 2 February 2018 تي حاصل ڪيل.
  2. Skard, Torild (2014) "Jenny Shipley and Helen Clark" in Women of Power – Half a century of female presidents and prime ministers worldwide. Bristol: Policy Press, ISBN 978-1-44731-578-0