جيزان صوبو
ڏيک
Jazan جازان | |
|---|---|
The Fifa Mountains | |
Map of Saudi Arabia with Jazan highlighted | |
| Country | |
| Capital | Jazan |
| بورو | 14 |
| حڪومت | |
| • Governor | Prince Muhammad bin Nasser |
| • Deputy Governor | Muhammad bin Abdulaziz bin Muhammad Al Saud |
| ايراضي | |
| • ڪل | 13,457 چورس ڪلوميٽر (5,196 چورس ميل) |
| آبادي (2022 Census) | |
| • ڪل | 1404997 |
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر |
| پوسٽل ڪوڊ | 09 |
جيزان صوبو (عربي ٻولي: جيزان) جازان پڻ سدیو ویندو آهي، جيڪو سعودي عرب جو ٻيو ننڍو (الباحا صوبی کان پوءِ) صوبو آهي. اهو ڳاڙهي سمنڊ جي ساحل سان 300 ڪلوميٽر (190 ميل) ڏکڻ ۾، يمن جي اتر ۾ آهي. اهو 13,457 چورس ڪلوميٽر جي ايراضيء تي پکڙيل آهي ۽ سال 2022ع جي مردم شماري تي 14,04,997 جي آبادي هئي.[1] ھن علائقي ۾ بادشاھت ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي جي کثافت آھي. گاديءَ جو هنڌ جازان جو شهر آهي؛ شهزادو محمد بن ناصر اپريل 2001 کان گورنر آهي.[2]
علائقي ۾، ڳاڙھي سمنڊ ۾ 100 کان وڌيڪ ٻيٽ شامل آھن. جازان اڪنامڪ سٽي هڪ ميگا پراجيڪٽ آهي جيڪو خطي جي معيشت کي هٿي وٺرائڻ ۽ ان کي سعودي اقتصادي ترقي جو حصو بڻائڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي.[3] فراسان ٻيٽ، سعودي عرب جو پهريون محفوظ علائقو، سياري ۾ يورپ کان لڏپلاڻ ڪندڙ پکين جو گهر آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Population Characteristics surveys" (PDF). General Authority for Statistics. 2017.
- ↑ "CTHM issues 4 royal decrees". kuna.net.kw. 2001.
- ↑ "Jazan Economic City Quarter Report" (PDF). Rcjy.gov.sa. 2017. اصل نسخو (PDF) مان 15 December 2018 تي محفوظ ڪيل. 13 December 2018 تي حاصل ڪيل.