جيرينم
جيرينيم جو ڪتابي نالو پيلر گونيم آهي. انهيءَ نالي هيٺ هڪڙيءَ ذات جا سوين قسم اچي وڃن ٿا، جي خاص ولايت جا آهن، پر هتي به گهڻو پوکڻ ۾ اچن ٿا. هن جو مکيه قسم کهنبا گل ڪندو آهي، مگر ٻيا قسم جدا جدا رنگن جا آهن. هي سال ۾ ڪنهن به وقت قلمن هڻڻ سان ٿين ٿا. ٽڪرائتين جاين تي چڱا ٿا ٿين. اتان قلم هٿ ڪري واريءَ ۾ هڻي ڇڏجن. ٻن ٽن هفتن ۾ لڳي ويندا. پوءِ هڪڙو هڪڙو ڪري جدا جدا ننڍيءَ ڪونڊيءَ ۾ رکجي. جڏهن وڌن تڏهن وري ٽپائي وڏين ڪونڊين ۾ رکجن. پويون ڀيرو ڊسمبر ۾ چورجين. مِٽي ڀلي هجي. پاڻي مئو ڏجين ۽ هفتي هفتي ۾ پٽڙو ڀاڻ به ڏجين. پنن کي صابڻ جي گجيءَ سان ڌوئڻ گهرجي. اهڙي ڪوشش سان جنوريءَ کان مارچ تائين،بلڪه پوءِ ڀرو، مزي مزي جا گل ڪندا.
اونهاري ۽ سانوڻ ۾ انهن ٻوٽن کي سنڀالي رکڻ ڏاڍو مشڪل آهي. پر باغ جي مَنهَهَ ۾ لڪائجين. هنن جو ٻج به پوکبو آهي، مگر چڱا قلمن سان ٿيندا آهن، جي آڪٽوبر ۾ هڻبا آهن. سرديءَ جي موسم ۾ گل ڪندا آهن. هنن جا سوين قسم آهن، جيئن مٿي به چيو ويو آهي، هڪڙا ته عام کهنبن گلن وارا، ٻيا ٽامي، سون ۽ چانديءَ جي رنگ جي پٽن وارا، ٽيان ولين جي پنن وارا، ڇوٿان ليمي ۽ گلاب جي بوءِ وارا، پنجان وڏن ۽ عجيب رنگن جي گلن وارا، هنن جا نالا ڏيڻ اجايو آهن. ولايتي ٻج وڪڻڻ وارا، هنن جي جدا جدا قسمن جي نالي واري ٻج موجود ڪري ڏين ٿا،سو وٺي پوکجي. هن جماعت جي هڪڙي ذات پاڙ جي ڳنڍين واري آهي، جنهن کي آگزال س چون ٿا..[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو