جيرو
جَيرو (liver) جانورن جو اندريون عضوو آهي.
طب[سنواريو]
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: دير هضم، ميل: ڌاڻا ۽ دارچيني، عيوض: وزن: قدر موافق.
ان کي پچائي کارائجي تہ جگر کي طاقت ڏيندو، آنڊن جي ڦٽ، جگر جي سور، معدي جي سور، مرگهي ۽ سڪتہ جي بيمارين ۾ مفيد آهي. هن کي باھ تي پچائڻ مهل هن مان جيڪو پاڻي نڪري، اهو اک جي شبڪوري، ڦلي ۽ ڌنڌ جي لاءِ فائديمند آهي.[1]
حوالا[سنواريو]
- ↑ ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: ۲۰۰۷ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.