جيئنداڻي
جيئنداڻي هڪ ذات آهي، جنھن لاءِ مختلف روايتون آهن، جن موجب هن ذات جا ماڻھو ٺوڙها بہ سڏبا هئا، هن ذات جا مير ٽالهي خان جي پٽ مير جيئند خان جو اولاد آهن. نواب مير محمد خان ٺوڙهو، جيڪو مير جيئند خان جي پنجين پيڙهيءَ مان هو ۽ جنھن کي مٽياري، حيدرآباد ۽ ڪراچي ضلعن ۾ جاگيرون هيون، سو سڄي سنڌ اندر بااثر مير هو. هن ذات وارا سندس نالي پويان سڏجن ٿا. لسٻيلي جي ڄاموٽن جي هڪ پاڙي جو نالو ۽ نوتياڻين جي سرياڻي شاخ مان هڪ پاڙي جو نالو بہ جيئنداڻي هو، جڏهن تہ ڪتاب ’بلوچ اور پاڪستان‘ جي مصنف موجب جيئنداڻي ميرواڻي بروهين جو هڪ پاڙو آهن، جن جو وڏو بزرگ جيئند هو. هڪ روايت مطابق جيئنداڻي اوٺار جتن جو پاڙو آهي، جنھن جا ماڻھو بگهاڙ جي مڪان جا رهاڪو آهن ۽ ميين شاھ ڪريم جا مريد ۽ فقير آهن. جڏهن تہ ڪرمتين جي ڀئوا شاخ ۽ راڌا اڱاريا شاخ جي هڪ پاڙي جو نالو پڻ جيئنداڻي آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN 978-969-9098-40-6) سال: 2011ع