جوڳيڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جوڳِيڙو:(انگريزي: Jogiro plant) هيءُ ٻوٽو ڄارين، ڦوڳن، ڪانڪهه، ٻائورين جي وڻن جي واٽ ۾ اڀرندو آهي. هن جو ٻج ڪو نه ٿئي پر کُنڀين وانگر اُڀري، سيتاڦل وانگر ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اُن جو رنگ پيلو ڳاڙهسرو ٿئي ۽ گل پيلا ٿين. هي گهڻو ڪري علحده اُڀرندو آهي يا ڪٿي هڪ کان وڌيڪ به ٿيندا آهن. اُن کي ٻڪريءَ کانسواءِ ٻيو ڪو به جانور ڪو نه کائي. ماڻهو دوائن طور ڪم آڻيندا آهن[1].

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو