جوٽڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جوٽڻي:

جوٽڻي به سنڌ ۾ زور آزمائيءَ جو مشهور طريقو آهي. هي ٻه چنبي وانگر ويٺي جو زور آهي. ڇا ڪندا آهن؛ جو ٻه ماڻهو زور آزمائڻ وارا هڪٻئي جي سامهون پٽ تي ويهندا آهن، ۽ پيرن جون کڙيون زمين تي رکي، پير اڀا ڪري هڪٻئي جي پيرن جي سامهون جهليندا آهن، ۽ پيرن ۽ اٽڪل نري کن ڊگهي سڌي مضبوط ڪاٺي، جنهن ۾ مٺ ڦٻي سگهي ۽ ڀڄي به نه، اها جهليندا. پوءِ هڪڙو’جوٽڻي‘ ڏيندو ٻيو ڇڏائيندو. جوٽڻي ڏيڻ وارو پنهنجي سڄي هٿ سان انهيءَ پيرن واري ڪاٺيءَ کي مضبوط جهليندو، ۽ ڇڏائڻ وارو، وري انهيءَ جي ڪارائيءَ ۾ سڄو هٿ وجهي، سندس هٿ هڪ ئي زور ۾ ڪاٺيءَ مان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو. هن زور ۾ ٻئي هٿ جي تري زمين تي کوڙڻ ڪار ناهي. پوءِ جي ڇڏائڻ وارو جوٽڻي نه ڇڏائي سگهيو، ته هارايائين، ۽ جي ڇڏائي ويو ته کٽيائين.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page11.html.  Missing or empty |title= (مدد)}