جوهان سباستين باخ
ڏيک



جوهان سيباستيان باخ (Johann Sebastian Bach؛ 21 مارچ، 1685ع - 28 جولائي، 1750ع) باروڪ دور جو ھڪ جرمن موسيقار ھو. هن کي وڏي پيماني تي مغربي تاريخ جي عظيم موسيقارن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي. باخ ڪيترن ئي موسيقارن، جهڙوڪ موزارٽ، بيٿوون ۽ برهمز کي متاثر ڪيو ۽ موسيقيءَ کي اعليٰ درجي جي عظمت ۽ تڪميل تائين بلند ڪيو. باخ مغربي تاريخ جي وڏن فنڪارن مان ھڪڙو آھي ۽ سندس موسيقي پوري دنيا ۾ ڪئي ويندي آھي.[1][2][3][4]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Editors, Biography com, "Johann Sebastian Bach", Biography (ٻولي ۾ en-us), حاصل ڪيل 21 آگسٽ 2021۔
- ↑ "Bach, Johann Sebastian", Grove Music Online (ٻولي ۾ انگريزي), ڊي او آئي:10.1093/gmo/9781561592630.001.0001/omo-9781561592630-e-6002278195, حاصل ڪيل 21 آگسٽ 2021۔
- ↑ "Johann Sebastian Bach: a detailed informative biography", www.baroquemusic.org, حاصل ڪيل 21 آگسٽ 2021۔
- ↑ "Classical Net - Basic Repertoire List - J.S. Bach", Classical Net, حاصل ڪيل 21 آگسٽ 2021۔