جوابي سگهه ڪتب آڻڻ جي حڪمت عملي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

جوابي سگهه ڪتب آڻڻ جي حڪمت عملي يا ڪائونٽر فورس اسٽريٽيجي (Counter Force Strategy) هڪ اصطلاح آهي جيڪو دُشمن يا ويريءَ خلاف حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ان جون مکيه عملي شڪليون ٻه آهن.

(1)سوچيل فيصلي مطابق سگهاري دشمن جي جٿي کي نشاني تي رکڻ،

(2) لڙائي شروع ٿيڻ کانپوءِ نفسياتي حملن جو سلسلو جاري رکڻ.

ٿڌي ويِڙهه جي زماني ۾ بين الاقوامي ناتن ۾ اِن اصطلاح کي ”صلاحيت“ جي نالي سان تنگ نظريي طور استعمال ڪيو ويو. ”ائٽمي ويڙهه“ جي حڪمت عملي جوڙيندڙ ماهر”مخالف طاقت - صلاحيت يا لياقت“ کي هٿيارن جا ڍڳ ۽ ڍير گڏ ڪرڻ جي ان حڪمت عمليءَ سان ڀيٽ ڪن ٿا، جنهن ذريعي مخالف کي سندس حملي کان اڳ بي هٿيار ڪجي. هن حڪمت عمليءَ ۾ ڪنهن خطي ۾ هڪ ملڪ جي سگهه ۽ اثر کي ختم ڪرڻ تي زور ڏنو وڃي ٿو. انهيءَ اصطلاح ٻي مهاڀاري لڙائيءَ (45 – 1939ع) کانپوءِ دنيا جي سياسي پِڙ ۾ ڏاڍي شهرت ماڻي. يورپ ۽ دنيا جي ٻين خطن ۾ آمريڪا ۽ سندس اتحادي ملڪن جو اثر گهٽائڻ لاءِ سوويت يونين ۽ سندس ساٿاري ملڪن جي حڪمت عملين، جهڙوڪ: وارسا معاهدو ڪرڻ، جاسوسي نيٽ ورڪ جوڙڻ ۽ پروپئگنڊا جي حڪمت عمليءَ وغيره ذريعي ڪافي ڪاميابيون حاصل ڪيون. ڏکڻ ايشيا ۾ ڀارت خلاف پاڪستان به ساڳئي قسم جي حڪمت عملي جوڙي آمريڪا جي بچاءَ واري اڳوڻي وزير رابرٽ مڪنامارا 1961ع ۾ هيءَ حڪمت عملي شروع ڪئي، جنهن جو مقصد ائٽمي لڙائيءَ کي محدود ڪرڻ هو. هن سوچ هيٺ دُشمن جي مُختلف شهرن کي نشانو ڪرڻ جي بدران اُن جي ائٽمي هٿيارن کي حرڪت ۾ اچڻ کان اڳ ئي بيڪار ۽ دُشمن جي فوجي صلاحيت کي برباد ڪرڻو هوندو آهي. [1]

حوالا[سنواريو]