جهلڻو
ڏيک
جهلڻو غسل ڪرڻ لاءِ ٺهيل مخصوص جاءِ کي چيو ويندو آهي. ٻهراڙين ۾ مرد عام طور تي ٻاهر غسل ڪندا آهن، جڏهن ته عورتون پردي ۾ غسل ڪنديون آهن.
بناوٽ
[سنواريو]غسل لاءِ ٺهيل ’جهلڻو‘ چئن کان پنج فوٽ ويڪرو ۽ چئن کان پنج فوٽ ڊگهو هوندو آهي، جڏهن ته جهلڻو اوچائيءَ ۾ ماڻهو جي قد کان فوٽ کن مٿي هوندو آهي. جهلڻو اڪثر مٿان ڍڪيل نه هوندو آهي پر ڪي ڪي مٿان ڍڪيل به هوندا آهن. جهلڻي جي ديوار مان تَر وٽان پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ سوراخ يا پائپ لڳل هوندو آهي.[1]
حوالو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN 978-969-9098-80-2) سال: 2012