جنگي ڏوهن تي ٻڌل مقدما

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جنگي ڏوهن تي ٻڌل مقدما يا وار ڪرائيمس ٽرائلس (War Crimes Trials) ڪنهن به اهڙي قسم جي شخص يا گروهه تي مقدمو هلائڻ واري صورتحال کي چئجي ٿو، جنهن ۾ اهي فرد يا گروهه عالمي جنگي روايتن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙيءَ ۾ مُلوث هُجي. ان سان گڏ هي ڪنهن به جنگ ۾ فاتح ڌُر کي حاصل ٿيل اهڙو حق آهي، جنهن ۾ اُها هارايل قوم سان لاڳاپيل مُک ماڻهن کي جنگ جو ذميوار ڄاڻائي کين سزاوار ڪندي آهي. هلندڙ دور ۾ ٻي عالمي لڙائيءَ کانپوءِ دُنيا ۾ ’نيورمبرگ ۽ ٽوڪيو ٽرائلز‘ ذريعي جرمنيءَ ۽ جاپاني اڳواڻن مٿان مُقدما قائم ڪرڻ ۽ سزائون ڏيڻ جي حوالي سان وڏي مشهوري ماڻي. اڳتي هلي بوزنيا ۾ سرب اڳرائي پسندن طرفان مسلمانن جي ڪيل قتلام جي مسئلي تي به خاص عدالتون جوڙي ان قسم جا مقدما هلايا ويا. اڄڪلهه اهڙا مُقدما قائم ڪندي ڏوهارين کي ”امن ۽ انسانيت جا ڏوهي“ به سڏيو ٿو وڃي.[1]

حوالا[سنواريو]