جنطيانہ
جنطيانه: نالا: عربي – دواء سڃاڻپ: ڪي مصنف هن جو هندي نالو پکان بيد لکن ٿا، مگر جنطيانا ۽ پکان بيد ۾ ڏينهن رات جو سنڌو ٿئي ٿو. هن جو رنگ ڳاڙهي چٽ تي، ذائقو پهريان مٺو ۽ پوءِ ڪڙو ٿئي ٿو. مزاج: ٽئين درجي ۾ گرم خشڪ. مقدار خوراڪ: هڪ کان ٻن ماسن تائين. خاصيت: معدي کي طاقت ڏيندڙ، ريح وڃائيندڙ ۽ زهرن جو ترياق آهي. حيض ۽ پيشاب جاري ڪري ٿو. هن کي گهڻو ڪري معدي ۽ مثاني جي ڪمزوريءَ ۽ پيٽ جي سور لاءِ سفوف جي صورت ۾ ڏنو ويندو آهي. ايلوپيٿي ۾ هن جو ٽنچرايڪسٽريڪٽ وغيره تيار ڪيا وڃن ٿا. زهرن لاءِ ترياقي اثر رکڻ سبب ترياق اربعه ۽ ترياق ثانيه جو هڪ جزو آهي[1]،
حوالا[سنواريو]
- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: ۲۰۰۷؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو