جناني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جناني
Lua error in ماڊيول:Location_map at line 422: No value was provided for longitude.
مقام اڃان نامعلوم
علائقو اچ ۽ بکر جي وچ وارو درياءَ سنڌ جو ڪنارو
قسم قديم ڦٽل شھر
تاریخ
معمار سنڌ جا سومرا حاڪم
رھائش پذير سنڌي

جناني(انگريزي: Janani) هي شهر اُچ ۽ بکر شهر جي وچ ۾ درياهه سنڌ جي ڪناري تي هڪ وڻندڙ سهڻو شهر هو. هن شهر ۾ سومرا ڪثرت سان رهندا هئا. هيءُ شهر قديم زماني ۾ مصر تائين مشهور هو. هن شهر لاءِ مشهور سياح ابن بطوطه کي شيخ برهان الدين اعرج اسڪندريه ۾ ٻڌايو هو ته: سنڌ ملڪ ۾ توکي هڪ اهڙي قوم ان شهر ۾ ملندي، جا نه ڪنهن سان (گڏ) کائي ٿي ۽ نه وري ان قوم جا ماڻهو ٻئي قوم سان شادي وغيره ڪندا آهن. آثار قديم جا ماهر اڄ تائين هن شهر جي کنڊرن کي هٿ ڪري نه سگهيا آهن. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سومره سنڌ مصنف؛ وزير علي ايڊيشن: ڇاپو پهريون ايڊيشن؛ مارچ 2001ع ڇپائيندڙ؛ ابن اسماعيل سومره پبليڪيشن جڙيا پور چڪس