جمھوريه آئرلينڊ جو نسبتي نشان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جمھوريه آئرلينڊ جو نسبتي نشان
نشان جو حقدار آئرلينڊ جي ريپبلڪ
اختيار ڪيو ويو 1945 (درج ڪيو ويو: آئرلينڊ جي ھٿيارن لاء)[1] c.1541 (ذڪر ڪيو ويو:آئرلينڊ جي بادشاھت), c.1280 (ذڪر ڪيو ويو: آئرلينڊ جي بادشاھت )
چٽسالي ھٿيار ازيور (تيز نيري رنگ) جي شيلڊ م سونھري ھارپ (سرندي) ۾ چاندي جون تندون
اڳوڻو شمار Style used during the period of the Kingdom of Ireland Three gold crowns ordered vertically on a blue shield with a white border. A king sitting on a throne
استعمال ھارپ (سرندي وانگر ساز) جي نشان کي استعمال ڪيو ويندو آهي: آئرلينڊ جي پارليامينٽ اريڪٽاس جي سمورن منظور ڪيل قانونن تي؛ آئرلينڊ جي صدر جي مھر تي؛ آئرش پاسپورٽ تي، کوڙ سرڪاري کاتن ۾ ؛ آئرش يورو سڪن تي. ان نشان جو استعمال يونائيٽيڊ ڪنگڊم م نادرن آئرلينڊ جي ڪجهه سرڪاري بيجن تي پڻ ٿئي ٿو .


جمھوريه آئرلينڊ جو نسبتي نشان(انگريزي: coat of arms of Ireland ) ھڪ قسم جو مخصوص تختي وارو نشان آھي جنھن ۾ ازيور (تيز نيري رنگ) جي تختي ۾ ھڪ سونھري ساز: ھارپ ( سرندي جھڙو) ٺھيل ھوندو آھي جنھن جون تندون چاندي جون ھونديون آھن[2] اھو ھڪ زماني کان وٺي آئرلينڊ جو نسبتي نشان آھي جيڪو آئرلينڊ جي بادشاهن جو نشان ھوندو ھو ۽ ان جو تاريخ م حوالو تيرھين صدي عيسويءَ کان ملي ٿو. اھو نسبتي نشان انگلينڊ جي بادشاھ ھينري اٺين پڻ ان وقت اختيار ڪيو جڏهن ھن آئرلينڊ جي لارڊ شپ جو مدو پورو ڪيو ھو ۽ 1541ع ۾ آئرلينڊ جي ٻيھر بادشاھت جو اعلان ڪرايو. 1603 م جڏهن انگلينڊ، ويلز ۽ اسڪاٽلينڊ جون بادشاھتن جو يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۾ انضمام ٿيو تہ انھن سڀني جي نشانن کي يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي شاھي نسبتي نشانن م شامل ڪيو ويو. 1922 م جڏهن آئرلينڊ يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان ڌار ٿيو تہ ھارپ (سرندو) آئرش فري اسٽيٽ جي نشان ۾ شامل ڪيو ويو. 9 نومبر 1945 م آئرلينڊ جي موجوده نسبتي نشان کي رجسٽر ڪيو ويو.

حوالا[سنواريو]

  1. Genealogical Office. "Grant of Arms (Registration): Arms of Ireland". Catalogue. National Library of Ireland. G.O. MS 111G; folio 20. وقت 18 May 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "Heraldry in Ireland, 1943-2018". The National Library of Ireland.