مواد ڏانھن هلو

جمالو گھوٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جمالو گھوٽو
Baliospermum solanifolium
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Baliospermum

جمال گهوٽو (انگريزي نالو: Baliospermum) ٻوٽن جي ھڪ نسل آهي، جيڪي خاندان يوفوراٻياشيا جي اندر آھي ۽ پهرين ڀيرا سال 1825ع ۾ هڪ نسل طور درجه بندي ڪئي وئي.[1][2] اهو ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ هماليه جا ڏيهي آهن.[3][4][5] هي هڪڙو ننڍو وڻ آهي. پن ڊگها، ننڍا ۽ پشمدار اٿس. گل پيلا اٿس. ڦر سائو اڇن ليڪن سان ٿو ٿئيس. ٻج ڪارو ۽ چمڪندڙ اٿس. گلن جي ڪري هتي ڏنو ويو آهي. جمال گهوٽي جو جلاب مشهور آهي. ڪونڪن ۾ ۽ گهاٽن ۾ گهڻو ٿيندو آهي.[6]

نوعون[7]

  1. باليو اسپرمم انگسٽيفوليم - تبت، چين
  2. باليو اسپرمم بلوباتم - تبت، چين
  3. باليو اسپرمم ڪيلسينم - اتر انڊوچائنا، اوڀر هماليه، ينان، چين
  4. باليو اسپرمم سولانيفوليم - انڊوچائنا، هماليه، ينان، چين، مغربي ملائيشيا، سماترا، جاوا ليسر سنڊا ٻيٽ، انڊونيشيا
  5. باليو اسپرمم يوئي - ينان، چين، ميانمار

اڳ ۾ شامل

ٻئي نسل، چيلوسا ٽرگونسٽمون ڏانهن منتقل ڪيا ويا؛

  1. بي. اينالايانم - چيلوسا مونٽانا
  2. بي. مليانم - چيلوسا مونٽانا
  3. بي. ريڊيوڊيس - ٽرگونسٽمون ريڊيوڊيس
نالا: ع. حب السلاطين، ف. تخم بيد، انجير خطائي، هه. وغيره___ جيپال گهوٽو، دند شاب ۽ حب الملوڪ.
اثر: گرم خشڪ 4، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: کير يا گيهه، عيوض: ___-، وزن: اڌ رتيءَ کان هڪ رتيءَ تائين.
سڃاڻپ: هي داڻا هيرڻ جي ڪڪڙين جي نموني تي چٽڪمرا ٿيندا آهن.

(زهردار آهن، تنهنڪري هنن کي اصلاح ڪري پوءِ ڪم آڻجي.)

خاصيت: گهاٽي بلغم ۽ غليظ خلطن جو جلاب آهي، جلندر، يرقان، ٻرهل، سنڌن جي سور، بادفرنگ، ٽانڪيءَ جي ڦٽن ۽ ڦرڙين، پرميل، مثاني جي ڦٽ، نزلي، سيني ۽ ڦڦڙن جي رطوبت، سخت سوڄ لاءِ مفيد آهي. وڇون ۽ نانگ جي زهر لاءِ ترياق آهي.
نوٽ: هن کي صفا ڪري کير يا ڏڌ ۾ رڌي، پتا ڪڍي، ليمي جي پاڻيءَ ۾ کرل ڪري پوءِ ڪم آڻجي.[8]

حوالا

[سنواريو]
  1. Blume, Carl Ludwig von. 1825. Bijdragen tot de flora van Nederlandsch Indië 12: 603-604 in Latin
  2. Tropicos, Baliospermum Blume
  3. Kew World Checklist of Selected Plant Families
  4. Govaerts, R., Frodin, D.G. & Radcliffe-Smith, A. (2000). World Checklist and Bibliography of Euphorbiaceae (and Pandaceae) 1-4: 1-1622. The Board of Trustees of the Royal Botanic Gardens, Kew.
  5. Flora of China Vol. 11 Page 277 斑籽木属 ban zi mu shu Baliospermum Blume, Bijdr. 603. 1826.
  6. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن: 1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.
  7. Kew World Checklist of Selected Plant Families
  8. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو