مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

جمالو گھوٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جمال گهوٽو هڪڙو ننڍو وڻ آهي. پن ڊگها، ننڍا ۽ پشمدار اٿس. گل پيلا اٿس. ڦر سائو اڇن ليڪن سان ٿو ٿئيس. ٻج ڪارو ۽ چمڪندڙ اٿس. گلن جي ڪري هتي ڏنو ويو آهي. اهي به يوفاربيا جي جماعت مان. جمال گهوٽي جو جلاب مشهور آهي. هن جو انگريزي ڪتابي نالو باليا سپرم آهي. ڪونڪن ۾ ۽ گهاٽن ۾ گهڻو ٿيندو آهي..[1]

طب[سنواريو]

نالا: ع. حب السلاطين، ف. تخم بيد، انجير خطائي، هه. وغيره___ جيپال گهوٽو، دند شاب ۽ حب الملوڪ.
اثر: گرم خشڪ 4، نقصان: گرم مزاجن کي، ميل: کير يا گيهه، عيوض: ___-، وزن: اڌ رتيءَ کان هڪ رتيءَ تائين.
سڃاڻپ: هي داڻا هيرڻ جي ڪڪڙين جي نموني تي چٽڪمرا ٿيندا آهن.

(زهردار آهن، تنهنڪري هنن کي اصلاح ڪري پوءِ ڪم آڻجي.)

خاصيت: گهاٽي بلغم ۽ غليظ خلطن جو جلاب آهي، جلندر، يرقان، ٻرهل، سنڌن جي سور، بادفرنگ، ٽانڪيءَ جي ڦٽن ۽ ڦرڙين، پرميل، مثاني جي ڦٽ، نزلي، سيني ۽ ڦڦڙن جي رطوبت، سخت سوڄ لاءِ مفيد آهي. وڇون ۽ نانگ جي زهر لاءِ ترياق آهي.
نوٽ: هن کي صفا ڪري کير يا ڏڌ ۾ رڌي، پتا ڪڍي، ليمي جي پاڻيءَ ۾ کرل ڪري پوءِ ڪم آڻجي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو