جل ترنگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جل ترنگ
ڌڪ
ٻيو نالو jaltarang, jal-tarang, jal-yantra, jalatarangam, jalatharangam
صنف بندي ڌڪ
حورنبوستل_سچس درجه بندي 111.242.11
(Resting bells whose opening faces upward)
موجد(ايجاد ڪندڙ) بال پنڊت
ترقي چوٿين کان ڇهين صدي عيسوي کان اڳ
موسيقار
Lt. Pt. Shankar Kanhere, Lt. Pt. Dattopant Mangalvedhekar, Lt. Pt. Ramrao Parsatwaar,Lt. Pt. Master Maharnahar Barve, ملند تولونڪر, سيٿا درورئيسوامي, Vid. ششڪالا داني, انامپتي ايس. گينيس , ڪوٽائم ٽي ايس اجيت

جلترنگ (پاڻيءَ جي لهر يا پاڻيءَ وارو ساز) هڪ مرڪب لفظ آهي، جنهن ۾ جل معني پاڻي ترنگ معني ساز يا آواز، ٻنهين جو گڏيل مطلب ڪڍجي ته ٿيندو پاڻيءَ وارو ساز. ڪنهن ٿانو ۾ پاڻي وجهي ان مان سنهي تار يا اهڙي ڪنهن شيءِ سان سر نڪرن انهن کي جلترنگ سڏجي ٿو. هي هڪ ساز جو قسم آهي جهن ۾ ستن پيالن کي پاڻيءَ سان ڀري ٻن ڪانين سان وڄائبو آهي، جنهن مان باجي وارو آواز نڪرندو آهي، ست يا چاليهه پيالا ڀري رکبا آهن يا گهٽ ۾ گهت پنج پيالا به رکبا آهن. ٻين لفظن ۾ هڪ آبشار منجهان هيٺ ڪِرندڙ پاڻيءَ جي آواز کي پڻ جلترنگ چئبو آهي.


اتهاس[سنواريو]

جل-ترنگ جو سڀ کان پراڻو ذڪر 'وطسيانا جي ڪاماسترا' ڪتاب ۾ ملي ٿو، جيئن پاڻِيءَ سان ڀريل موسيقيءَ وارا گلاس وڄي رهيا آهن.[1] هي ساز سترهين صديءَ ۾ بال پنڊت ، سنگيت پاريجات ۾ متعارف ڪرايو هو. ميڊيول ٽائز (دور) ۾ جل ترنگ کي جل يانترا پڻ سڏيو ويندو هيو ڪرشنا ڪٽ جي شاعرن (جن کي اشٽ-ڇاپ شاعر پڻ سڏيو ويندو هيو) ان اوزار بابت بيان ڪيو آهي. [2]

وڄائڻ ۽ رکڻ جي ترتيب[سنواريو]

هن ساز ۾ ٻاويه چينيءَ جا پيالا جيڪي پنهنجي بيهڪ ۾ ترتيبوار ننڍا وڏا ٿيندا آهن تن کي گهرج آهر پاڻيءَ سان ڀري وڄائبو آهي ته هڪ سندر ساز پيدا ٿيندو آهي. چينيءَ جي پيالن (ٿانوَ) کان اڳ انکي ڪنجهي، ٽامي يا پتل جي پيالن سان ڪَتب آڻبو هيو. انهن پيالن جي ترتيب ڪجهه اهڙي ريت هوندي آهي ته انهن پيالن مان هڪڙا وڏا ته ٻيا تال استان وارا پيالا بيهڪ سان ننڍا ٿيندا آهن. اهي سڀئي پيالا گول دائري ۾ ساڄي پاسي کان ننڍا ۽ کاٻي پاسي کان وڏا پيالا رکيا ويندا آهن. اهڙِي ريت انهن پيالن ۾ پاڻي ڀري اڍائي سبتڪن جا سر وٺبا آهن، جهڙوڪ (12+ 12+ 4) يعني سا- سا- ري- ري- گا- گا- ما- ما- پا- ڌا – ڌا – ني- ني – الخ ٻيو سبتڪ. انکانپوءِ ڏونڪا کڻي پيالن جي ڪنارن تي ڌڪ هڻي گهربل سر وٺي لاڳاتار ٻنهي هٿن سان وڄائڻ سبب ڪي آوازي لهرون پيدا ٿينديون آهن، جل ترنگ کي وڄڻ لاءِ سورنهن پيالن ۾ پاڻي وجهي ۽ ڇهن پيالن کي خالي رکيو ويندو آهي ۽ انهن خالي پيالن ۾ ڳئوريون هلڪيون شيون جهڙوڪ پارو شربت وجهي رکيو ويندو آهي. [3]

حوالا[سنواريو]

  1. "Read The Kama Sutra of Vatsyayana by Vatsyayana, Read free on ReadCentral.com". www.readcentral.com. حاصل ڪيل 2019-01-30. 
  2. لالماڻي مسرا (1973). ڀارتيا سنگيت وديا. ISBN 81-263-0727-7.  سانچو:Page needed
  3. "جلترنگ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-01-30. 


خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

سانچو:انڊئين موسيقي اوزار سانچو:پاڻي اوزار