جليبي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جليبي (ٻيا نالا: عربي: زلابيه، فارسي: زيبي، هندي، اردو: حلوائي زيب، جليبی) گول چڪري دار مٺائيءَ جو قسم آهي. جليبي ميدي، گيھ ۽ کنڊ مان ٺاھي ويندي آھي.

جليبي

طب[سنواريو]

اثر: گرم تر، نقصان: ___-، ميل: کير، عيوض: ______، وزن: ٽي تولا.

خاصيت: ڪوسيون جليبيون کائڻ سان کنگهہ، کرٽئي، دمڪشيءَ ۽ زڪام کي فائدو ٿيندو، کير ۾ گڏي کائبو تہ قوت باھ ۽ مني گهاٽي ڪرڻ لاءِ مفيد آهي. جليبين کي ٺاهڻ وقت تري پوءِ کنڊ جي چاش ۾ ٻوڙيندا آهن، اها چاش خاص طرح کرٽڻي جي کنگهہ ۾ روزانو ٻہ اڍائي تولا کائڻ سان فائدو ٿيندو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.