جعفر ميمڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جعفر ميمڻ صحافي ۽ ليکڪ, ولد سائينداد ميمڻ، 3 سيپٽمبر 1966ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.

تعليم[سنواريو]

پرائمري کان ڪاليج تائين لاڙڪاڻي ۾ پڙهيو ۽ گريجوئيشن شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين.

صحافتي سفر[سنواريو]

ننڍپڻ کان ئي لکڻ پڙهڻ جو شوق رهيس. ٻارن جي رسالن ۾ ڪهاڻيون ۽ شعر لکڻ شروع ڪيائين. بعد ۾ لاڙڪاڻي مان جاري ٿيندڙ اخبار روزاني ’اڳواڻ‘ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪري صحافت ۾ پير پاتائين. بعد ۾ روزاني ’عوام آزاد‘ جو ڇهه مهينا ايڊيٽر رهيو. روزاني ’سنڌ سجاڳ‘ ڪراچيءَ ۾ سب ايڊيٽر طور ٽي سال ڪم ڪيائين، انهيءَ دوران روزاني ’سرواڻ‘ ۾ به ڪم ڪيائين. بعد ۾ ڪاوش گروپ طرفان ماهوار ڊائجسٽ ’سنڌ رنگ‘ ۽ ’هالار‘ جي ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنائين، ٻنهي ڊائجسٽن جو 1992ع تائين ايڊيٽر رهيو.

ڪتاب[سنواريو]

هن جا هيٺيان ڪتاب:

  • (1) ’نوجوانن جو گيت‘ (ترجمو)
  • (2) ’حويلين جون ڪهاڻيون‘ (ترتيب) ۽ ’پوليس نمبر‘ (ترتيب) ڪاوش گروپ طرفان ڇپيل آهن.

ڪارگذاري[سنواريو]

جعفر ميمڻ روزاني ’خادم وطن‘ ۽ ’تعمير سنڌ‘ جو نيوز ايڊيٽر به رهيو آهي ۽ 2004ع کان وٺي روزاني ’سنڌ‘ جو ايڊيٽر رھيو. هاڻي هو آن لائين وائيس آف سنڌ هلائي رهيو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011