مواد ڏانھن هلو

جعفري( قبيلو)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
    جعفري  ھڪ قبيلو آھي جيڪي جيڪب آباد ڪنڌڪوٽ شڪارپور ۽ سکر ۾ ڪثير تعداد ۾ رھن ٿا؛ تاريخي حوالي سان سندن بزرگن کان ٻدايو وڃي ٿو تہ  ھارون خان جي سربراهي ۾ لڳ ڀڳ 1760ع ۾  مير نوري نصير خان والي قلات جي دؤر حڪومت ۾ ڪنھن نامعلوم علائقي کان لڏي ڪڇي جي علائقي ڀاگ ناڙي ۾رھيا هئا جتي مير نوري نصير خان والي قلات ڪجهه زمينون بہ بطور جاگير عطا ڪيون ڪافي عرصو رھڻ کانپوءِ ڪڇي جي علائقي ۾ حڪومتي ڇڪتاڻ وڌي وڃڻ جي يا ڪنهن خشڪسالي جي 

ڪري سنڌ ۾ رھڻ جو ارادو ڪيو ھي مال مويشي ڪاھيندي اچي ڪنڌڪوٽ جي ڀرسان چاڪر خان سھرياڻي جي پاڙي۾ رھيا ان وقت سندن سربراھ ھارون خان جو پٽ قيصر خان ھو ،ھارون خان ڪڇي جي علائقي ۾ ئي فوت ٿي ويو ھو ، قيصر خان جي چاڪر خان سھرياڻي سان مھري (اٺ) جي معاملي تي ڪشيدگي پيدا ٿي، چاڪر خان سھرياڻي قيصر خان جعفري جي گھرن تي رات جو حملو ڪرايو ، قيصر خان سميت جيڪي گھرن ۾ جوان مرد موجود ھئا سڀ قتل ٿي ويا گھرن ۾ ڪمسن ڇوڪرا ۽ عورتون بچا ، اتفاق سان قيصر خان جو ڀاءُ دائود خان گھر ۾ موجود نہ اھو بہ بچي ويو جڏهن دائود خان گھر موٽي آيو تہ ڏاڍو دل شڪستو ٿيو ۽ اتان لڏي اچي تنگواڻي جي ويجھو بھار نندواڻي جي ڀر ۾ ويٺو بھار نندواڻي ھن سان ڏاڍي ھمدردي ڪئي پوء بھار نندواڻي ھن کي چيو تہ تون پنهنجي قتل ڪيل مڙسن جو پلاند وٺي اچ ھتي مان تنھنجي پوري مدد ڪندس ، پوءِ جڏهن دائود خان جا ننڍا پٽ ڀاٽيا جوان ٿيا تہ سھرياڻين کان پنھنجي قتل ٿيل مڙسن جا پلاند بہ ورتائون ۽ نندواڻين سان سڱن جي ڏي وٺ ڪري پاڻ ھڪ ٻئي جا پلاند شريڪ ٿيا، ۽ بليدي سردارن جي سرداري ۾ رھڻ جي ڪري بليدي سڏجڻ لڳا ، ھن وقت بليدڪار ۾ رھندڙ جعفري برادري جا ھي پاڙا مشھور آھن ھوران زئي، موران زئي ، صلاح دياڻي ، جمالاڻي ، کئوڻاڻي ، ڪھيراڻي وغيره.