جسويندر برار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جسويندر برار Jaswinder Brar
پس منظري معلومات
پيدائشي نالو جسويندر ڪئور براڙ
صنف ڀنگڙا (راڳ), لوڪ, پاپ, مذھبي
پيشا ڳائڻي (گلوڪار، راڳي)
سرگرم سال سال 1990 –کان ھينئر تائين

جسويندر برار (انگريزي ٻولي: Jaswinder Brar) ھڪ ھندستاني لوڪ راڳي آھي جيڪا پنجابي ٻولي ۾ لوڪ راڳ ڳائيندي آھي. ھيءَ پنجابي ۾ گيت ڳائڻ سميت ھڪ ماڊل، ڊانسر ۽ ٿيٽر اداڪارِ پڻ آھي. ھيءَ پنجابي لوڪ گيت ۽ ڀنگڙا ڳائيندي آھي ۽ کيس لوڪ راڻي، يا لوڪ ملڪا جي نالي سان سڏيو ويندو آھي. ھيءَ پنھنجي اسٽيج شوز جي لاءِ گھڻي مشھور آھي ۽ کيس اکارھيئا دي راڻي سڏيو ويندو آھي.[1] ھيءَ خاص طور پنھنجي لوڪ تاٿ جي لاءِ گھڻي مشھور آھي. ھن پنھنجي ڪُرت (ڪيريئر) جي شروعات 1990 ۾ "ڪيمتي چيز" نالي البم سان ڪئي ھئي. ھيءَ 8 سيپٽمبر 1973 تي پنجاب جي شھر ، سرسا ۾ پيدا ٿي ھُئي. ھيءَ ھڪ فنڪار سان گڏجي پنجابي لوڪ گيت پڻ ڳائيندي آھي ان فنڪار جو نالو بابو من آھي، ھيءَ ۽ بابو مان ٻئي ڄڻا پنجابي لوڪ راڳي آھن.

زندگي[سنواريو]

براڙ 8 سيپٽمبر 1973 تي ضلعو سريا جي منڊي ڪالانوالي ۾ ھڪ پنجابي جٽ خاندان ۾ ٻلديو سنگھ ۽ نريندر ڪئور جي گھر ۾ جنم ورتو ھيو۔[2] ھن جي شادي 18 فيبروري 2020 تي گورتاج سنگھ اوپل[3]/رنجیت سنگھ سڌو[4] کان ٿي ۽ گاني جي باري ۾ ٻہ سال جي لاءِ وقفو ورتائين جڏھن کيس جشنپريت ڪئور نالي سان ھڪ ننڍڙي ڪِڪي (ڌيءُ) ڄائي ھئي.

ايوارڊز ۽ آنرز[سنواريو]

ھن جي ايوارڊ ۾، کيس نومبر ۾ "شروماني پنجابي لوڪ گائيڪي ايوارڊ 2010" سان نوازيو ويو ھيو، ھيءَ اھو ايوارڊ ماڻيندڙ ٻارھين اُميدوار ھُئي. ھن کي ٻيا بہ ڪيترائي ايوارڊ مليا آھن جن ۾ پروفيسر موھن سنگھ ميلو تي سنگيت سمراٺ ايوارڊ پڻ مليو ھيس. ھن کي بھترين لوڪ ڳائڻي ناري 2006 اي ٽي سي چينل ونجابي جو ميوزڪ ايوارڊ 2006 "بيسٽ لوڪ اورينٽيڊ ووڪلسٽ (في ميل)" (سندس گاني "مرزا") ۽ "بيس اورينٽڊ فوڪ البم (فيملي)" (پنھنجي البم گلان پيار ديان جي لاءِ مليس) جي لاءِ نامزد ڪئي وئي ۽ ايوارڊ سان نوازيو ويس۔[5]

ڊسڪوگرافي[سنواريو]

Jaswinder Brar posing for her album Jiunde Rehn

ھن ڪيترائي پنجابي لوڪ گيت ڳايا آھن، ھن پنھنجي ڪيريئر جي شروعات 1990 ۾ ”ڪيمتي چيز“ ہالي ايلبم سان ڪئي ھئي ۽ انکانپوءِ ھن پنھنجا ڪيترائي ايلبم ريليز ڪيا آھن.[6] سندس ڪُجھ گانا ۽ ايلبم ھيٺئين ريت آھن:

  • ڪيمتي چِيز
  • کولا اکاڙا
  • رانجھا جوگي ھو گيا
  • اکاڙا
  • عشق محبت ياري
  • دوجا اکاڙا
  • یہ کرکا
  • گونجدا اکاڙا
  • بول کليحريہ مورا
  • جھلہ دل واجن مردا
  • روندي نو ھور راوا ڪي
  • تيري ياد ستاوي
  • من تيري جن غرونگي
  • مين تن تنہ ياد ڪردي
  • گلان پيار ديان
  • پيار - محبت ڪي رنگ (02 نومبر 2010)
  • جاندي ريھن (2014)
  • تِن گلان (2018)

حوالا[سنواريو]

  1. "Mutiayaran Punjab Dian at Wolverhampton's Wulfrun Hall". ExpressAndStar.com]. حاصل ڪيل 14 January 2012. 
  2. "Jaswinder Brar". 
  3. "Mass Marriage:". Chandigarh: The Tribune. 13 March 2002. http://www.tribuneindia.com/2002/20020313/region.htm. Retrieved 23 August 2012. 
  4. "Jaswinder Kaur brar". 
  5. "ETC Channel Punjabi, Music Awards 2006 – Nominations". www.unp.me. حاصل ڪيل 14 January 2012. 
  6. "Jaswinder Brar – Albums". www.goyalmusic.net. وقت 3 April 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 14 January 2012.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)