جزن جي قيمت جي برابري وارو نظريو
جزن جي قيمتن جي برابريءَ وارو نظريو
Factor Price Equailisation Theorem
بين الاقوامي واپار جي ڪلاسيڪي نظريي مطابق هر ڪنهن ملڪ اندر پيدائش جا جزا آسانيءَ سان مڪمل طور منتقل ٿي سگهن ٿا. ان ڪري مختلف ملڪن ۾ انهن جزن جون قيمتون مطلقا يا نسبتي طور تي هڪجهڙيون وڃي ٿينديون. پروفيسر برٽل اوهلن 1933ع ۾ هن نظريي ۾ ڪجهه ترميمون ڪري قابل قدر اضافو ڪيو، هن ڪافي بحث کان پوءِ هيٺيان نتيجا ڪڍيا. (1) جيڪڏهن جزن جي تبديلي نه به ٿئي، تڏهن به بين الاقوامي واپار ۾ شين جي چرپر يا نقل پذيري، ڪجهه قدر جزن جي نقل پذيريءَ جو ڪم سرانجام ڏيئي سگهي ٿي. (2) بين الاقوامي واپار ۾ شين جي چرپر جزن جي مطابق ۽ نسبتي قيمتن ۾ ڪجهه قدر هڪجهڙائي آڻيندي. مطلب ته اوهلن جي هن نظريي جو مکيه مقصد اهو آهي ته پيدائش جي جزن جون حقيقي قيمتون مختلف ملڪن ۾ ساڳيون هجڻ کپن. هتي هيءَ ڳالهه واضع هجڻ کپي ته اوهلن جو هيءُ نظريو اِي ايف هيڪشر (E. F. Hecksher) جي نظريي تي مدار رکي ٿو. اوهلن پنهنجي بين الاقوامي واپار جي نظريي جو مرڪزي بنياد مٿي بيان ڪيل تخيل تي ٻڌو. هن جو هيءُ نظريو ته پيدائش جي جزن جون قيمتون، جزن جي نقل پذيريءَ کان سواءِ شين جي آزادانه چرپر ڪري به ڪجهه قدر هڪجهڙيون وڃي ٿينديون، گهڻي قدر قابل قبول آهي، ڪو به ملڪ رڳو انهيءَ شيءِ جي پيداوار ۾ خاص مهارت حاصل ڪري برآمد ڪندو، جنهن شيءِ جي پيدا ڪرڻ جا جزا اتي گهڻا هوندا ۽ پيدائش جي جزن جي قيمتن ۾ واپار شروع ڪرڻ کان اڳ جيڪي فرق هوندا سي خاص مهارت حاصل ڪري هڪٻئي سان واپار ڪرڻ ڪري ڪجهه قدر دور ٿي ويندا. اوهلن پنهنجن لفظن ۾ هيٺينءَ ريت بيان ڪري ٿو: ”ٻن حصن ۾ پيدائش جي جزن جي پوري نقل پذيري نه هجڻ جو پورائو ڪجهه قدر شين جي چرپر يا نقل پذيريءَ سان ٿي سگهي ٿو“. [1] هو اڳتي هلي لکي ٿو: ”جزن جي قيمتن جي برابريءَ واري رجحان مان اها مراد آهي ته انهن جو بهتر استعمال ٿي سگهندو، جنهن ڪري جيڪڏهن ڪنهن ملڪ کي جاگرافيءَ جي نڪتهء نگاهه کان خاص فائدو هوندو ته اهو به گهٽجي ويندو“. تنهن ڪري ايئن چئبو ته اوهلن جي جزن جي قيمتن جي براربريءَ متعلق کوجنا معقول آهي، هي نظريو جنهن پٽاندر ٻن ملڪن ۾ پيدائش جي جزن جون قيمتون ساڳيون هجڻ کپن، هيٺين فرض ڪيل ڳالهين تي مدار رکي ٿو: 1. هر قسم جي مارڪيٽ ۾ مڪمل چٽاڀيٽي. 2. آمدرفت تي لاڳت جي عدم موجودگي. 3. مختلف ملڪن ۾ شين جي آسانيءَ اسان مڪمل طور تي نقل پذيريءَ، پر پيدائش جي جزن جو تبديل نه ٿي سگهڻ. 4. شين جي هڪجهڙي پيداوار واري اصول تحت پيدائش. 5. پيدائش ۾ گهٽجندڙ سرحدي پيداوار واري اصول جو اطلاق. 6. مختلف ملڪن ۾ پيداوار لاءِ جزن جو ساڳيو پيداواري استعمال. 7. پيداوار جي جزن جو وصفي طور تي خاصيت يا قسم ۾ ساڳيو هجڻ، جيتوڻيڪ اهي مختلف مقدار ۾ هجن. 8. جن به شين ۾ واپار هلي ٿو تن ۾ پيدائش جا جزا مختلف مقدارن ۾ استعمال ٿين ٿا، يعني ته ڪن شين جي پيداوار لاءِ گهڻي زمين، ڪن جي لاءِ گهڻو پورهيو گهرجي، ته وري ڪن جي لاءِ گهڻي موڙي گهربل آهي. 9. بين الاقوامي خاص مهارت اڻپوري ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته واپار کان پوءِ ئي ملڪ سڀ شيون پيدا ڪن ٿا، ڏٺو وڃي ته هي نظريو مذڪوره فرض ڪيل ڳالهين تحت بلڪل ٺيڪ نظر ايندو، پر اهي فرض ڪيل ڳالهيون ظاهري طور حقيقت تي مبني نه آهن، ان ڪري هي نظريو کليءَ طور درست نظر نٿو اچي.[2]