جراثيم

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
جراثيمن جو خوردبيني مان جائزو

جراثيم لفظ فارسي ٻوليءَ مان ورتل آهي، جنهن جو مفهوم اهي ننڍڙا جيوڙا جيڪي عام طرح نظر نه ايندا آهن، فقط خوردبينيءَ سان ڏسي سگهبا آهن.

جسم[سنواريو]

جراثيم، نامياتي جسم آهن، جيڪي جيوگهرڙن تي مشتمل هوندا آهن. خوردبينيءَ سان ئي ڏسي سگهبا آهن. ڪي اهڙا به آهن، جيڪي خوردبينيءَ سان به ڏسڻ ۾ نه ايندا آهن. اهي مختلف جسم رکندا آهن ۽ انهن جون شڪليون به هڪ ٻئي کان ڪافي مختلف هونديون آهن. اهي انسان جي جسم ۾ داخل ٿي بيماريون پيدا ڪندا آهن.

قسم[سنواريو]

جراثيم ٽن مختلف گروهن ۾ ورهايل آهن، جراثيم جياپي لاءِ هوا مان نائٽروجن ۽ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪندا رهندا آهن. پاڻيٺ جي صورت ۾ واڌ ويجهه ڪندا آهن ۽ خشڪيءَ سان ختم ٿيندا آهن. روشني به انهن کي ماريندي آهي. جراثيم نباتاتي يا ٻوٽن جي پيداوار آهن ۽ ٻوٽن جي گهرڙن مان پيدا ٿين ٿا. اهي هر هنڌ، هوا، مٽيءَ ۽ ٻين جاندارن جي جسم ۾ موجود هوندا آهن، اهي بئڪٽيريا نقصانڪار آهن، ٻوٽن ۽ جانورن جي جسمن ۾ زهريلا مادا پيدا ڪري مختلف بيمارين جو ڪارڻ بڻبا آهن. ڪي بئڪٽيريا ڪارائتا هوندا آهن جيڪي کير مان ڌئونرو، سرڪو ۽ پنير ٺاهڻ ۾ مدد ڏيندا آهن. ڪي بئڪٽيريا هوا ۾ موجود نائٽروجن کڻي مٽيءَ ۾ ملائي ٻوٽن ۽ جانورن کي مهيا ڪندا آهن. بئڪٽريا، نمونيا، مدي جي تپ، سلهه، ڪالرا، ڦٽن ۽ ڦرڙين ۾ پونءِ وغيره پيدا ڪندا آهن. بئڪٽيريا ۾ نسل جي افزائش جو طريقو بائنري فشن (Binary Fission) سان ٿيندو آهي. بئڪٽيريا 20 کان 25 منٽن ۾ هڪ مان ٻن ۾ ورهائجي ٿو ۽ انهي رفتار سان ٿوري عرصي ۾ ايترا ته بئڪٽيريا ٺهي پون ٿا، جو انهن جو مجموعي تعداد هن وايو منڊل کان به وڌي وڃي ٿو. هي پنهنجي مٿان هڪ ٿلهو کوپو يا خول ٺاهيندا آهن جنهن کي اسپور (Spore) چوندا آهن. اهڙيءَ طرح هي سخت گرمي ۽ سردي کان محفوظ رهن ٿا. سازگار حالتون اچڻ تي اسپور مان نڪري وري معمول مطابق زندگي گذارڻ ۽ افزائش ڪرڻ شروع ڪندا آهن. انهيءَ ڪري تمام ضروري آهي ته جيڪي جانور انهن بيمارين ڪري مري ويا هجن، انهن جو پوسٽ مارٽم نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو ڪروڙين بئڪٽيريا اسپور ٺاهي زمين تي رهي ۽ بيماري جو ڪارڻ بڻبا آهن. [1]

حوالو[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011