جبل جي ڊاک

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جبل جي ڊاک (عربي: زبيب الجبل، فارسي: مويزڪ ڪوهي، اردو: مويزج، انگريزي: سٽيفيسگري سيڊس Staphisagria) هيءُ هڪ جابلو ول جو ڦر آهي. رنگ ۾ ڀورو ڪارو ۽ ذائقي ۾ تيز، خارش پيدا ڪندڙ ٿئي ٿو.

طب[سنواريو]

مزاج: گرم خشڪ ٽئين درجي ۾. پيدائش: انگلستان ۾ ٿيندو آهي.

هي ڪيڙن مار اثر رکي ٿو، تنهنڪري جوئن وغيره جي مارڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ گهوٽي مٿي تي لڳائيندا آهن. هن کي سرڪي ۾ ڪاڙهي گرڙيون ڪجن تہ ڏندن جو سور لهي وڃي ٿو. ڊاڪٽرن کي بہ هن جي (پيراسٽي سائيڊ Parasiticide) (قاتل ڪرم تاثير) سان اتفاق آهي. هن ۾ ٻه نهايت زهريلا جوهر ٿين ٿا، تنهنڪري اندروني طور استعمال نہ ڪرڻ گهرجي[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.