جاڻ خراساني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جاڻ خراسانيءَ جو ٻوٽو

جاڻ خراساني (عربي: بذرالبنج، فارسي: بنج، ھندي/اردو وغيره: اجوائن خراساني، باطباط، سيڪران، افتيمون) ڀوري رنگ جو سنهن داڻن وارو ٻج آهي، ذائقي ۾ تمام تيز ٿيندي آهي.[1]

طبي خاصيتون[سنواريو]

اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: مٿي جي ڦيري، ميل: سؤنف رومي، عيوض: جاڻ، وزن: چئن رتين کان هڪ ماسي تائين.

خاصيت: جگر ۽ معدي کي طاقت ڏئي ٿي، هاضمون پيدا ڪري، بک وڌائي ٿي، دماغي ۽ رحم جي رطوبت سڪائي ٿي، مٿي جي سور، کنگهہ، دمڪشي، سنڌن جي سور، فالـج، لقوي، عرق النسا، مثاني جي ڦٽ ۽ پٿري ڪڍڻ لاءِ مفيد آهي. هن جو گهڻو استعمال مٿي ۾ ڦيري، چريائي ۽ عقل ۾ خلل پيدا ڪري ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو