جان ٽائلر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جان ٽائلر

ٽيلر جي 1845 ۾ نڪتل تصوير جڏهن پنھنجو صدارتي مدو مڪمل ڪرڻ وارو ھيو
10th آمريڪا جو صدر
عهدو سنڀاليو
April 4, 1841 – March 4, 1845
نائب صدر ڪوبہ نہ[1]
پيشرو وليم ھينري ھيريسن
جانشين جيمز ڪي.پولڪ
10th نائب صدر
عهدو سنڀاليو
March 4, 1841 – April 4, 1841
صدر وليم ھينري ھيريسن
پيشرو رچرڊ مينٽر جانسن
جانشين جارج ايم.ڊيلاس
United States Senator
from ورجينيا
عهدو سنڀاليو
March 4, 1827 – February 29, 1836
پيشرو جان روڊولف
جانشين وليم ڪيبيل رائيوز
آمريڪي سينيٽ جو قائم مقام صدر
عهدو سنڀاليو
March 3, 1835 – December 6, 1835
پيشرو جارج پوائنڊيڪسٽر
جانشين وليم آر. ڪنگ
23rd ورجينيا جو گورنر
عهدو سنڀاليو
December 10, 1825 – March 4, 1827
پيشرو جيمز پليزنٽس
جانشين وليم برانچ گائلز
Member of the U.S. House of Representatives
from ورجينيا's 23rd district
عهدو سنڀاليو
December 17, 1816 – March 3, 1821
پيشرو جان ڪلوپٽن
جانشين اينڊريو اسٽيونسن
ذاتي تفصيل
پيدائش مارچ 29 1790(1790-03-29)
چارلس سٽي ڪائونٽي ورجينيا
وفات جنوري 18, 1862 (عمر 71 سال)
رچمنڊ ورجينيا,ڪنفيڊريٽ اسٽيٽس آف آمريڪا
آخري آرامگاهه ھالي ووڊ سيمينٽري، رچمنڊ، ورجينيا
سياسي جماعت ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪن پارٽي (1828–1834)
وگ (1834–1841)
ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪن پارٽي (1841–1844)
ڪا بہ نہ( 1844–1862)
جيون ساٿي
ٻار ٻچا 15, جن ۾ شامل آهن رابرٽ ٽيلر, ڊيوڊ گارڊينر, جان اليگزينڊر, ۽ ليون گارڊينر
ماءُپيءُ جان ٽيلر سينيئر
ميري آرمسٽيڊ
مادر علمي ڪاليج آف وليم اينڊ ميري
پيشو سياستدان، قانوندان
دستخط Cursive signature in ink
فوجي خدمتون
فرمانبرداري آمريڪا جون گڏيل رياستون
ورجينيا
سروس/شاخ چارلس سٽي رائيفلز (ورجينيا مليشيا ڪمپني)
سال خدمتون 1813
عهدو ڪيپٽن

جان ٽائلر(انگريزي: John Tyler) آمريڪا جو ڏھون صدر. 1814 ۾ ھڪ سال لاء نائب صدر بہ رھيو. آمريڪي رياست ورجينيا جو ٽيويھون گورنر بہ رھيو.جان ٽائلر ورجينيا جي مشھور سياسي گھراڻي ۾ 29 مارچ 1790 ۾ جنم ورتو. ھي ورجينيا جي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ۽ بعد ۾ ورجينيا جو گورنر چونڊيو ويو.صدر ھيريسن جي وفات تي ھي آمريڪا جو پهريون نائب صدر ٿيو ۽ پوء صدر جون ذميداريون بہ اختيار ڪيائين. 1861 ۾ خانہ جنگي شروع ٿيڻ بعد ھي ڪنفيڊريٽ رياستن جي ڪانگريس ۾ چونڊجي آيو

ذاتي ۽ سياسي زندگي[سنواريو]

جان ٽيلر 29 مارچ 1790 ۾ پيدا ٿيو. ھن جو پيءُ وليم ٽائلر ورجينيا جي اسيمبلي جو چار سالن تائين اسپيڪر رھيو ، پوءِ ورجينيا جو گورنر ۽ رچمنڊ جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جو جج پڻ رھيو. ھن جي ماء جو نالو ميري ميرٽ ھيو جيڪا مشھور زميندار جي ڌيء ھئي. جان ٽائلر جڏھن ستن سالن جو ھيو تہ اڌرنگ جي جھٽڪي ۾ گذاري وئي[2] ٻن ڀائرن ۽ پنجن ڀينرن سان گڏجي چارلس سٽي ڪائونٽي ۾ شھر کان ٻاھر گرين وي پلانٽيشن ۾ پيء جي ٻارھن سؤ ايڪڙ زمين تي ٺھيل گھر ۾ ھن جي پرورش ٿي[3] پيءُ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ بھترين استاد رکيا[4] .[5] ٻارھن سالن جي عمر ۾ ھي ڪاليج آف وليم اينڊ ميري ۾ داخل ٿيو جتان 1807 ۾ سترھين سالن جي عمر ۾ گريجوئيشن مڪمل ڪيائين[6] ان بعد ھن قانون جو مطالعو ڪيو. ھي 19 سالن جي ننڍي عمر ۾ غلطي سان وقت کان اول ورجينيا بار جو ميمبر ٿي ويو ۽ رچمنڊ شھر ۾ وڪالت شروع ڪيائين[7] 1813 ۾ ھن چارلس سٽي لڳ ووڊ برن پلانٽيشن واري زمين خريد ڪئي ۽ 1821 تائين اتي رھيو [8]

چارس سٽي ڪائونٽي ڀرسانگرين وي پلانٽيشن جتي ٽائلر پيدا ٿيو

21 سالن جي عمر ۾ 1811 ۾ چارلس سٽي ڪائونٽي مان ورجينيا جي ھائوس آف ڊيليگيٽس جو ميمبر چونڊيو ويو جتي لاڳيتا پنج سال رھيو 1913 ۾ سندس پيءُ وفات ڪري ويو ۽ کيس ورثي ۾ پيءُ جي زمين ۽ 13 غلام ورثي ۾ مليا[9]

ووڊ برن پلانٽيشن واري 1813–1821 رھائش

آمريڪي ڪانگريس جي ريپريزنٽيٽو جان ڪلوپٽن جي وفات جي ڪري سيٽ خالي ٿي تہ ھن لاء ڪانگريس جو رستو ھموار ٿيو ۽ ورجينيا جي ڊسٽرڪٽ 23 واري تڪ مان 1816 ۾ ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪن پارٽي جو ميمبر چونڊجي ويو[10][11] آمريڪا جي ڪانگريس جي 16 اسيمبلي جنھن ۾ جان ٽائلر بہ ميبر ٿي چڪو ھو ان جو وڏو مسئلو غلاميءَ وارو سوال ھيو تہ اھا جاري رھي يا نہ. ٽائلر جو خيال ھو تہ ڪانگريس کي غلاميءَ واري معاملي ڇيڙڻ جو اختيار ناھي[12] ھن 1820 ۾ صحت جي خرابي جي جواز سان اليڪشن ۾ بيھڻ کان پاسو ڪيو. ان جو ھڪ سبب اھو بہ ھو تہ ڪانگريس جي ميمبرن جي پگھار ڏاڍي گھٽ ھئي جنھن مان ٻارن جي تعليم مشڪل ھئي تنھنڪري ھن ٻيھر وڪالت شروع ڪئي [13] پر1823 ۾ ٻيھر سياست ۾ شامل ٿي ويو ۽ ورجينيا جي ھائوس آف ڊيليگيٽس جو ميمبر چونڊيو ويو [14]

An engraving of Tyler.
1826 ۾ ٽائلر بحيثيت گورنر ورجينيا

ڊسمبر 1825 ۾ ھي ورجينيا جي گورنر جو اميدوار ٿيو ۽ ھن جان فلائڊ سان مقابلو ڪري 131–81 جي فرق سان اليڪشن کٽي ويو. 1827 جي جنوري ۾ جنرل اسيمبلي کيس آمريڪي سينيٽ جي لاءِ 115۽110جي فرق سان سينيٽر طور چونڊيو.ھن 4 مارچ 1827 ۾ سينيٽ جي مدي شروع ٿيڻ سان گورنر شپ تان استعيفا ڏني [15] 1841 ۾ ھي آمريڪا جو پھريون نائب صدر ٿيو ان وقت ملڪ جو صدر ھيريسن ھيو.ٽائلر ان نئين وگ انتظاميہ ۾ اڪثر وقت گھر۾ گذاريندو هو [16]

An illustration:Tyler stands on his porch in Virginia, approached by a man with an envelope. Caption reads "Tyler receiving the news of Harrison's death."
ٽائلر ورجينيا ۾ لفافو وٺندي جنھن ۾ ھيريسن جي موت جي خبر ھئي

ھيريسن جي موت کان پوءِ 4 مارچ 1841 ۾ صدر جي حيثيت ۾ قسم کنيو.


Portrait of Letitia Christian Tyler
ٽائلر جي پھرين زال ليٽيٽيا ڪرسٽين جو آئل پينٽ پورٽريٽ

ٽائلر آمريڪا جو واحد صدر آھي جنھن کي سڀ کان گھڻا ٻار ھيا[17] سندس پھرين زال ليٽيٽيا ڪرسٽين(November 12, 1790 – September 10, 1842) مان کيس اٺ ٻار ھيا.[18]

Portrait of Julia Gardiner Tyler
ٽائلرجي ٻي زال جوليا گارڊينر جو پورٽريٽ

سيپٽمبر 1842 ۾ ليٽيٽيا جي اسٽروڪ جي ڪري موت ٿيڻ بعد ٽائلر جوليا گارڊينر (July 23, 1820 – July 10, 1889) سان شادي ڪئي جنھن مان کيس ست ٻار ڄاوا .[19] ٽائلر غلاميءَ کي برو سمجھندي به ان جي حق ۾ ھو ھن جي غلامن جو تعداد چاليهن تائين ٿي ويو ھو.ھن جو خيال ھيو تہ غلاميءَ جي ھجڻ يا نہ ھجڻ جو فيصلو صرف رياستون انفرادي طور تي ڪري سگھن ٿيون ۽ اھو وفاق جو اختيار ناھي تہ غلاميءَ کي منسوخ ڪري[20] ڊسمبر1841 ۾غلامي جي خاتمي جي حامي پبلشر جوشئا ليئيوٽ مٿس الزام ھنيو تہ ٽائلر غلام عورتن مان ڪيترائي ٻار ڄڻي وڪرو ڪيا ھيا پر ان الزام جو ڪو ثبوت نہ ملي سگھيو.[21]

A large obelisk in a graveyard, with a bust of Tyler, and a black cast iron cage partially visible behind it.
ورجينيا جي شھر رچمنڊ۾ ھالي ووڊ نالي قبرستان ۾ ٽائلر جي قبر تي ٺھيل يادگار

خانہ جنگي ۾ ٽائلر ڪنفيڊريٽ ڪانگريس ۾ ويھندو رھيو 1862 رچمنڊ شھر جي ھوٽل جي ڪمري ۾ وفات ڪري ويو .[22][23]

حوالا[سنواريو]

  1. Tyler was Vice President under President William Henry Harrison and became President upon Harrison's death on April 4, 1841. As this was prior to the adoption of the Twenty-Fifth Amendment in 1967, a vacancy in the office of Vice President was not filled.
  2. Chitwood, pp. 4–7, 12; Crapol, pp. 30–31.
  3. Chitwood, pp. 10–11; Crapol, p. 30.
  4. Leahy, pp. 325–26.
  5. Seager, p. 48.
  6. Chitwood, pp. 14–18; Crapol, pp. 31–34; Seager, p. 50.
  7. Chitwood, pp. 20–21; Crapol, pp. 35–36.
  8. Virginia Historic Landmarks Commission Staff. "National Register of Historic Places Inventory/Nomination: Woodburn" (PDF). صفحو. 3. وقت October 12, 2013 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل June 1, 2014. 
  9. Crapol, p. 61.
  10. Contemporaries generally called this the Republican Party, but modern political writers use Democratic-Republican to distinguish it from the modern-day Republican Party
  11. Chitwood, pp. 31–34.
  12. Seager, p. 69.
  13. Chitwood, pp. 58–59; Crapol, p. 39.
  14. Leahy, pp. 339–40.
  15. Chitwood, pp. 73–81.
  16. Peterson, p. 34.
  17. Crapol, p. 4.
  18. Chitwood, p. 478.
  19. Chitwood, p. 479.
  20. May, pp. 22–24; Seager, pp. 300–01; Chitwood, p. 143.
  21. Crapol, pp. 62–67.
  22. { Journal of the Congress of the Confederate States of America, 1861–1865 Volume 1. U.S. Government Printing Office. 1904. pp. 303, 658. 
  23. Chitwood, pp. 460–64; Seager, p. 469.