جان اللہ شاھ ثاني
جان الله شاهه ثاني مير جان الله شاهه صاحب جي اولاد مان عالم، اديب ۽ شاعر ٿيندا آيا آهن. سندس وفات کان پوءِ سندس گاديءَ تي مير قلندر علي سندس فرزند ويٺو، جنهن 1187ھ ڌاري وفات ڪئي. کانئس پوءِ مسند تي مير جان الله شاهه اول جو ٻيو فرزند مير منور علي شاهه ويٺو، جنهن 1199ھ ڌاري وفات ڪئي، ۽ 6 فرزند ڇڏيا. مير جان الله شاهه ثاني انهن ڇهن مان ننڍي ۾ ننڍو هو. فقيري سجاده تي سندس وڏو ڀاءُ مير فتح علي شاهه ويٺو، جنهن جي زير نظر مير ثانيءَ جي تربيت نهايت بهترين نموني ٿي. عربي ۽ فارسيءَ ۾ مهارت حاصل ڪرڻ کان پوءِ روحاني ترقيءَ ڏانهن ڌيان ڏنائين. انهن ڏينهن ۾ ڀاڳ ناڙيءَ کان مير جان الله شاهه اول جو خليفو سيد عبدالوهاب شاهه روهڙيءَ ۾ آيو، جنهن مير ثانيءَ کي روحاني تربيت ڏيئي، بلند مرتبي تي پهچايو. ڀاءُ جي وفات کان پوءِ ميرثاني فقيري سجاده تي ويٺو. ميرثاني وڏو سخي هو. هندو مسلمان صوفي ڪهي اچي ساڻس ملاقاتيون ڪندا هئا. هالن وارو مشهور ويدانتي ولايت راءِ، جو پوءِ قمبر ۾ اچي رهيو، ڪهي اچي مير صاحب سان ملاقاتيون ڪندو هو. روهڙيءَ جو هندو صوفي پارو شاهه سندس بيحد معتقد هو. روهڙيءَ جو سوموڙ ۽ سنڌ جو عظيم شاعر حضرت قادر بخش بيدل هن بزرگ جو ئي مريد هو. بچل شاهه مياڻيءَ وارو سندس همعصر هو ۽ سندس روحاني عظمت جو قائل هو.مير ثاني 1864ع ڌاري وفات ڪئي[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ سنڌ جا سهروردي بزرگ--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالم جيد سنڌي؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ