جانڪي دادي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جانڪي داديءَ جو جنم 1916ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. هوءَ هن وقت دنيا جي جڳ مشهور روحاني رهنمائن مان هڪ آهي. جن سڄي دنيا ۾ امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آهي.

انتدا[سنواريو]

هن 21 سالن جي عمر کان روحانيت جي پرچار شروع ڪئي ۽ لڳ ڀڳ دنيا جي 100 ملڪن ۾ وڃي ماڻهن کي روحاني درس پئي ڏنو آهي۽ پنهنجي ڏاهپ ۽ صلاحيت سان ماڻهن کي مطمئن ڪيو آهي.

بيروت ۾ ليڪچر[سنواريو]

جانڪي داديءَ 2000ع ۾ بيروت ۾ (اسڪول جي بهتر تعليم ۽ سوشل پروگرام) بابت تفصيلي ليڪچر ڏنو، جيڪو يونيسڪو طرفان منعقد ڪرايو ويو هو، جنهن ۾ 20 ملڪن جي ماڻهن شرڪت ڪئي هئي. ان کان سواءِ به جانڪي دادي سياست، مذهب، سائنس، تعليم، نفسيات ۽ ٻين ڪيترن اهم موضوعن تي ليڪچر ڏئي چڪي آهي.

ڪتاب[سنواريو]

جانڪي دادي ڪيترن ڪتابن جي ليکڪا به آهي. سال 1999ع ۾ سندس ٻه اهم ڪتاب: ‘Wing of Soul’ ۽ ‘Pearls of Wisdom’ ڇپيا.

ادارو[سنواريو]

هندستان ۾ سندس نالي سان منسوب هڪ ادارو قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪيترن ئي ماڻهن جي سهائتا ڪري رهيو آهي. جانڪي دادي دنيا جي ڪيترين ئي وڏين تنظيمن جي ميمبر پڻ آهي ۽ هن وقت 95 سالن جي عمر ۾ به پنهنجي مقصد تي اٽل آهي.

مڃتائون[سنواريو]

جانڪي داديءَ کي انساني خدمتن لاءِ زندگي وقف ڪرڻ جي اعتراف ۾ 2005ع جو اوارڊ “The Courage of Conscience Award” ڏنو ويو. اهو اوارڊ دنيان ۾ تمام گهٽ ۽ اهم ماڻهن کي مليو آهي، جيڪو “The Peace Abbey” تنظيم طرفان امن، انصاف ۽ اهنسا لاءِ جاکوڙيندڙ شخصيتن کي ڏنو ويو آهي. اهو اوارڊ اڳ ۾ جن شخصيتن کي ڏنو ويو، تن ۾: دلائي لاما، مڌر ٽريزا، مئخول گورباچوف، جِم هينسن، مهاتما گانڌي، رابرٽ فرانسز ڪينيڊي ۽ لينن شامل آهن. [1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011