مواد ڏانھن هلو

جانجهه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جانجهه ساز جو هڪ قسم آهي، جيڪي گهڻي ڀاڱي پتل يا ڪَنجهي جي مخروطي وٽين يا ڪَٽورين تي مشتمل ٿينديون آهن. جيڪي مندرن ۾ ستسنگ يا ڀڳتيءَ جي موقعي تي وڄايون وينديون آهن.

ساخت

[سنواريو]

هي ٽَليون جئين ته گول وَٽين وانگر هونديون آهن، ان ڪري انهن ۾ ننڍڙيون لارون وِڌيون وينديون آهن ۽ اُهي ڌاڳن سان ملائي وَڄايون وينديون آهن. جانجهه وَڄائڻ لاءِ ٽَلين جون ٻه جوڙيون ڪم آنديون وينديون آهن. مُک ڀڳت يا راڳي تنبوري ۽ باجي تي ڳائيندو آهي ۽ ٽوليءَ ۾ موجود ٻيا ڀڳت يا راڳي جانجهه ۽ کڙتالون وڄائي ڀڳتي ڪندا آهن. ٿر ۾ جانجهه جي وَٽين کي’ڪانسيا‘ به چئبو آهي. خاص ڪري ڀوپا ماڻهن جي جِن ڪڍڻ واري هڪ وهمي عمل/ عقيدتي عمل دوران چار پنج ڄَڻا گڏجي جانجهه ۽ دهل وڄائيندا آهن. ٿر جا لوڪ فنڪار ۽ ڀڳت عام گيتن، ڪلامن ۽ ڀڄنن دوران جانجهه/ ٽَليون وڄائيندا آهن. موهن ڀڳت کان وٺي ڀُڳڙي ڀڳت تائين سمورن ڀڳتن جي راڳداريءَ ۾ جانجهه يا ٽَلين کي وڏو عمل دخل رهيو آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011