جانان بيگم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جانان بيگم
معلومات شخصيت
تاريخ موت سال 1659  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو مولف  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي

هيءَ بيگم، عبدالرحيم خان ”خان خانان“ جي زال هئي، جو بهرام خان جو پٽ هو. هوءَ علم ۽ فضل ۾ ڪمال کي پهتل هئي. قرآن شريف جو هڪڙو تفسير به لکيو هئائين. جهانگير بادشاهه، سندس جمال توڙي ڪمال جي تعريف ٻڌي. ساڻس شادي ڪرڻ جي خواهش ڪئي، پر هن بيگم، آزاديءَ جو ٻيو اُپاءُ نه ڄاڻي، پنهنجا ڏنڊ ڀڃي ۽ پنهنجا وار سڀ ڪتري، ڳنڍڙي ٻڌي، جهانگير ڏي ڏياري موڪليا. بادشاهه سندس معنيٰ سمجهي ۽ کيس پاڪدامن ڄاڻي گذر ڪري ويو، ۽ سندس تحسين ڪيائين. هن سنه 1070ھ (1659ع) ۾ وفات ڪئي.[1] هيءُ بيت جانان بيگم جو آهي: عاشق ز خلقِ عشقِ تو پنهان چسان ڪند، پيداست از دو چشمِ ترش خون گريستين!

(يعني، عاشق پنهنجو عشق خلق کان ڪهڙيءَ طرح لڪائي ٿو سگهي. سندس ٻنهي آلين اکين مان ظاهر آهي ته هو رت ٿو روئي!)[2]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 21 .html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 21 .html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}
  2. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 21 .html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 21 .html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}