جالان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ملائيشيا پهچي سڀني جو “جالان” سان واسطو پوي ٿو. جالان معنا رستو. اهو لفظ هر روڊ تي لڳل بورڊ تي نظر ايندو. جالان تنڪو عبدالرحمان، جالان سلطان احمد، وغيره. هونءَ جالان معني “هلڻ” به آهي. خدا حافظ چوڻ مهل گهر جا ڀاتي ويندڙ کي “سلامت جالان” چوندا آهن معنا رستي جي سلامتي هجنئي. ملئي زبان ۾ لفظن جي اڳيان PER, BER ۽ MEN ۽ پٺيان KAN ۽ AN ڳنڍڻ سان ٻيا به لفظ ٺاهي سگهجن ٿا. جيئن ته Perjalanan معني سفر، مسافري. [1]

  1. ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-25