مواد ڏانھن هلو

جابر بن سنان البتاني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جابر بن سنان البتاني
جابر بن سنان البتاني

جابر بن سنان البتاني بن عبداللہ محمد بن سنان بن جابر الحراني البتاني، جابر بن سنان البتاني جي نالي ساڻ مشھور ”حران“ ۾ پیداٿيو ۽ عراق ۾ لاڏاڻو. سندن زماني جي ٻئي صدي هجري جي آخري ۽ ٽي صدي هجري جو زمانو آهي، شمارو دنيا جي عظيم ترين فلڪياتي سائنسدانن ۾ ٿيندو آهي، انجو سبب اهوئي اھم نظريات آهن جيڪي انھن ان ميدان ۾ واضع ڪيا.

ان کان سواءِ حساب ۽ ڪتاب ۾ بہ ڪجهه نظريا واضع ڪيا خلائي جسمن ۽ تارن جي حساب لڳائڻ ۾ مشھور هئا، جابر بن سنان هڪ گھڻي مشاهدي واري جيو ميٽري، ۽ نظريہ عملي فلڪيات ماهر هئو. سندن هڪ اهم ڪڙي جوڙي جنھن ۾ انھن ٻن روشن جسمن ”سج ۽ چنڊ“ بابت پنھنجو مشاهدو لکيو ۽ فلڪياتي حسابن تحت پنج سيارن جي حرڪتن کي لکيو. فلڪيات ۽ جغرافيائي تي جابر بن سنان ڪيترائي مضمون لکيا سندن جي ٺاهيل فلڪي ٽيبل ۽ "حرڪتي ڏور وٿي" اسان تائين پهچڻ واري صحيح حرڪت آهي.

بلينو جي تحقيق کان سال 1899ع ۾  اسپين جي لائبريري ۾ محفوظ ڪتاب”الزيج الصابي للبتاني“ پڌري ٿي. جنھن ۾ سٺ کان وڌيڪ اهم فلڪيات موضوع بحث هيٺ ورتا ويا، جنھن ۾ فلڪي دائري کي الڳ ڪرڻ ۽ انجي حصن کي پاڻ ۾ ضرب ۽ الڳ ڪرڻ، حسابن سان تارن جي حرڪتن جو پتو لڳائڻ ۽ انھن جون جڳھون ٺاهڻ، يونانين جي جاميٽري طور حل ڪيل گهڻن مسئلن جي صحيح رياضياتي حل دريافت ڪيا، گرمي ۽ ٿڌ جي ويليو-قيمت صحيح ۽ ڏينھن جي نسبتي (سج جي ويجھو گھمڻ جي نسبت کان زمين جي پنھنجي ويجھو چڪر جي جھڪ) جي ويليو-قيمت لکي، دريافت ڪيو تہ اها قيمت 23 درجا ۽ 35 منٽ آهي، اڄ جيڪا صحيح قيمت آهي اها بہ 23 آهي جيڪا انھن جي اهم فلڪياتي دريافت آهي. جابر بن سنان البتاني شمسي سال جو عرصو ماپيو ۽ انھن جي ماپ ۾ خالي ٻن منٽن ٻاويھ سيڪنڊن جي غلطي ڪئي.

حوالا

[سنواريو]

[سائنس جي دنيا 1]

[سائنس جي دنيا 2]
حوالي جي چڪ: "سائنس جي دنيا" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="سائنس جي دنيا"/> نہ مليو