جابر بن حيان

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

عباسي خلافت (Abbasid Caliphate) جي ڏينهن ۾ جابر بن حيان (Jabir ibn Hayyan) نالي هڪ شخص هوندو هو جيڪو حران نالي هڪ مدرسي ۾ ڪيمسٽري ۽ فزڪس پڙهائيندو هو. هڪ ڀيري هن ٻاهران آيل شاگردن کي ليڪچر ڏيندي چيو هو “مادو هڪ ڪل قوت آهي ۽ يوناني فزڪس جي ماهرن جي اها راءِ غلط آهي ته مادو هڪ مختصر حصي تائين ورهائجي سگهجي ٿو. ان جي مختصر حصي (ائٽم) کي به ورهائي سگهجي ٿو.[1]

ڪتاب[سنواريو]

ابن حيان جي مدرسي ۾ رياضي، فزڪس، ڪيمسٽري ۽ نيچرل سائنس پڙهائي ويندي هئي. جابر بن حيان کي تڏهوڪي خليفي هارون الرشيد ان مدرسي جو سربراهه مقرر ڪيو هو. جابر بن حيان ڪل 826 ڪتاب لکيا. جن مان 112 اپلائيڊ فزڪس، 70 ٿيوريٽيڪل ڪيمسٽري ۽ 144 معدنيات ۽ اهڙين قوتن بابت هئا جن جي فزڪس يا ڪيمسٽري ۾ وضاحت ڪرڻ ممڪن نه هئي. ان کان سواءِ 500 ڪتاب ٿيوريٽيڪل فزڪس، ڪيمسٽري، فلڪيات، فلسفي ۽ مذهبن جي تاريخ بابت هئا.[1]

ڪم[سنواريو]

جابر بن حيان ان جي به سڃاڻپ ڪئي هئي ته ائٽمي قدر ۾ تبديليءَ سان مادي جي گهاڙيٽي ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. هُن ان تي به دليل ڏنا ته ڌاتو جي ائٽمي قدر ۾ تبديليءَ سان اهو ٻي ڌاتوءَ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. هُن آپٽڪس جا قاعدا به ترتيب ڏنا ۽ لينس جي ٿيوري به جوڙي هئي. هُن سج جي روشنيءَ کي قوت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ آرسين جو به سهارو ورتو.[1]

اولهه جي سائنسدانن جابر بن حيان کي هن وقت تائين جي 12 ذهين سائنسدانن ۾ شامل ڪيو آهي. جابر بن حيان آلجبرا جو به بنياد وجهندڙ هو ۽ الجابر جي نالي جي حوالي سان ان کي الجبرا چيو وڃي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]