جاء (ٻوٽو)
ڏيک

| جاء | |
|---|---|
| سائنسي درجا بندي | |
| Unrecognized taxon (fix): | Jasminum |
| جنس: | Template:Taxonomy/Jasminum{. grandiflorum |
| حياتياتي نالو | |
| Jasminum grandiflorum L. | |
جاءِ:
هيءَ سچي پچي چمبيلي آهي. هن کي هندستاني ماڻهو جاٽي ۽ ڪٿ بيل به سڏيندا آهن. انگريزيءَ ۾ هن کي سپانش جاسمن (يعني اسپين جي ياسمين) چوندا آهن. هن جا پن چڱا ٿيندا آهن. اونهاري ۽ سانوڻ جي ڏينهن ۾ گل ڪندي آهي، جي وچولي قد جا ۽ اڇا ۽ سرها ٿيندا آهن. گل سنگهڻ لاءِ يا هارن ۾ پوئڻ لاءِ گهڻو ڪم ايندا آهن. سڪي کان پوءِ به گلن مان بوءِ ڪين ويندي آهي. هن جو ٻوڙو تمام گهڻي گيل ڪري ٿو، وڌي ٿو ۽ ان جون ٽاريون اندر زمين ۾ وڃي، اوڌن وانگي اتي پاڙون ٿيون هڻن. جي سنڀال ڪبي ته هڪڙي ٿڙ تي به بيهاري سگهبو، جو ٻانهن جهڙو ٿلهو ٿيندو ۽ ٻه ٽي فوٽ وڏو ٿيندو.[1]
حوالا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو