تڪرار جي خاتمي جو پَهُه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تڪرار جي خاتمي جو پَهُه يا ارادو يا ڪانفلڪٽ ريزوليوشن (Conflict Resolution) ۾ تڪراري ڌريون يا ملڪ پنهنجن ناتن جو نئين سر جائزو وٺي اهڙن عملن کان پرهيز ڪن ٿيون، جن جي ڪري تڪرار يا ٽڪراءُ پيدا ٿيو ۽ اهي هڪٻئي سان ٽڪراءَ ۾ آيا، سندن اهو عمل تڪرار جي نبيري لاءِ ورتل اُپاءُ هوندو آهي. ان حڪمت عمليءَ جو عام طور دارومدار سفارتي ذريعن، ٽياڪڙي، فيصلي، ڳالهه ٻولهه، تفصيلي معلومات ۽ عالماڻين (Academic) ڪوششن تي هوندو آهي. عالمي سياست ۾ گهٽ ۾ گهٽ تڪرار پيدا ڪرڻ ۽ وڌ ۾ وڌ همدرد ۽ هم راءِ حمايتي هٿ ڪرڻ سان اُن ملڪ جي اثر جو دائرو وڌي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد